اسلام آباد – 26 جولاءِ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته وزيراعظم عمران خ??ن جي قيادت ۾ نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر (اين سي او سي) جي ذريعي وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن پاڪ فوج سان گڏجي ڪوويڊ 19 جو ڀرپور مقابلو ڪيو، اڄ پوري دنيا پاڪستان جي ڪامياب حڪمت عملي کي ساراهي رهي آهي، وزيراعظم عمران خ??ن جي قيادت ۾ کنيل قدمن جي ڪري پاڪستان ۾ ڪورونا وائرس جو زور نه رڳو گهٽ ٿيو پر ڏهاڙي فوتگين ۽ پازيٽو ڪيسن ??و انگ پڻ گهٽ ٿيو، عوام کي اپيل آهي ته عيدالاضحيٰ دوران صحت واري وزارت پاران جاري ڪيل ايس او پي?? ۽ ??ائيڊ لائينز تي مڪمل عمل ڪري ته جيئن ڪورونا وائرس جو ڦهلاءُ وڌيڪ نه ٿئي، پاڪستان جي 22 ڪروڙ عوام، ڊاڪٽرن، هٿياربند فوج، سيڪيوري ادارن قيادت جي فيصلن تي عمل ڪندي ثابت ڪيو ته پاڪستان واحد قوم آهي جيڪا ڪنهن به آفت، وبا ۽ چئلينج ۾ هڪ قوم بڻجي مقابلو ڪري ٿي. هو ڊيجيٽل پاڪستان بابت خاص معاون تانيه ايدروس ۽ وزيراعظم جي ڪوويڊ 19 جي خاتمي بابت فوڪل پرسن ڊاڪٽر فيصل سلطان سان گڏيل پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪري رهيو هو. وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو ته ڪورونا وائرس جا ڪيسز چين کانپوءِ يورپ، برطانيا، وچ اوڀر ۾ سامهون آيا. جنوري، فيبروري 2020ع ۾ پاڪستان ۾ ڪورونا جو هڪ ڪيس رپورٽ ٿيو. ان وقت پاڪستان ان عالمي وبا جي مقابلي جي لاءِ بلڪل تيار نه هو. صحت جي ڍانچي، ملڪ جي معاشي صورتحال ۽ زميني حقيقتن کي نظر ۾ رکندي وزيراعظم عمران خ??ن هڪ حڪمت عملي جوڙي، جهڙي طرح دنيا ۾ مڪمل لاڪ ??ائون هنيا ويا هئا پاڪستان اهڙي لاڪ ??ائون کي برداشت نه ٿو ڪري سگهي. پاڪستان ۾ ڪجهه عرصي لاءِ جزوي لاڪ ??ائون هڻي ان جي نتيجن تي قيادت پائيدار ڊگهي مدي وارا فيصلا ڪيا ڇو ته ترقي يافته ملڪن جن جي هيلٿ ڪيئر جو نظام تمام سٺو هو اتي به دل ڌوڏي ڇڏيندڙ واقعا رپورٽ ٿيا هئا.