اسلام آباد – 26 فيبروري (اي پي پي) بالاڪوٽ حملي کانپوءِ ڀارت جي ٻن جهازن کي ڪيرائڻ ۽ پائليٽ کي گرفتار ڪرڻ جو هڪ سال مڪمل ٿيڻ تي پ??ڪستان ”فتح نه ٿيڻ جوڳو عزم“ جي عنوان سان دستاويزي فلم جاري ڪري ڇڏي آهي، پاڪستان ا?? عزم کي ورجايو آهي ته پاڪ فوج پيشيواراڻي صلاحيت ۽ جديد ترين ٽيڪنالاجي سان واڳيل وسيلن کي استعمال ڪندي ملڪ کي فتح نه ٿيڻ جوڳو بڻائڻ جي لاءِ ڪردار ادا ڪندي ??هندي، پاڪستان جي دستاويزي فلم ذريعي حقيقتون دنيا آڏو رکي ڀارتي ڪوڙ ۽ پروپئگنڊه کي پڻ شڪست ڏئي ڇڏي آهي، 27 فيبروري تي پ??ڪ فضائيه جي جوابي ڪارروائي اسان جو فخر آهي، پوري قوم اڄ اربع ڏينهن فخر سان فتح جو ڏينهن ملهائيندي، پاڪ فضائيه 27 فيبروري تي سرپرائز ڏئي ڀارت کي شڪست ڏني. اطلاعات ۽ نشريات ??اري وزارت پاران تيار ڪيل فتح نه ٿيڻ جوڳو عزم جي عنوان سان دستاويزي فلم جاري ڪرڻ جي موقعي تي وزيراعظم جي خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته امن جي خواهش پاڪستان جي قومي بيانيي جو بنيادي ??صو آهي، ڀارتي قيدي پ??ئلٽ جي آزادي ??ه امن جي خواهش جو اظهار هو.