اسلام آباد – 20 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته حڪومت پهرين ڏينهن کان ئي فيصلو ڪيو هو ته پاڪستان کي صنعتي قوت بڻائينداسين، ان مقصد جي لاءِ هو پاڻ ۽ سندس معاشي ٽيم هر ممڪن مدد فراهم ڪندا. وزيراعظم ايف بي آر چيئرمين کي هدايت ڪئي ته هو ٽيڪس جي ح??الي سان وفد جي تجويز تي هر س??مر ڏينهن کلي ڪچهري منعق?? ڪري ۽ صنعتڪارن جا مسئلا پاڻ ٻڌي. اهڙن خيالن جو اظهار هن سڄي ملڪ ??ان چونڊيل چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري جي صدرن ۽ نمائنده وفد سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن وزيراعظم سان ملاقات ڪئي.