لاهور – 30 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته مهذب معاشرن ۾ امير ۽ غر??ب جي وچ ۾ فرق ناهي هوندو، معاشري جي غريب ۽ ڪمزور طبقن کي مٿي آڻڻ اسان جو مشن آهي، ملڪي معاشي حالت ۾ استحڪام اچي رهيو آهي، هاڻي اقتصادي واڌاري تي ڌيان ڏئي رهيا آهيون، مشڪل معاشي حالتن جي باوجود معاشري جي ڪمزور طبقن کي مٿي آڻڻ لاءِ احساس جي نالي سان ٺوس پر??گرام شروع ڪيو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پنجاب حڪومت ۽ نجي ڪمرشل بئنڪن جي وچ ۾ آبادگارن کي زرعي قرضن جي 3 ڏينهن جي اندر فراهمي کي يقيني ??ڻائڻ جي معاهدي تي صحيحن واري تقريب کي خطاب ڪن??ي ڪيو.