برسلز – 12 – ڊسمبر (اي پي پي) پاڪستان بيلجيئم ٻطرفي سياسي مش??ور?? جو ٽيون اجلاس بيلجيئم جي شهر برسلز ۾ ٿيو. ايڊيشنل پرڏيهي سيڪريٽري (يورپ) سفير شفقت علي خان پاڪستان جڏهن ته ٻطرفي معاملن واري ڊائريڪ??ر جنرل سفير جيروئن ڪورمين بيلجيئم پاران قيادت ڪئي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب ٻنهي ڌرين ٻطرفن لاڳاپن جي موجوده رفتار تي اطمينان جو اظهار ڪندي سياسي لاڳاپن، واپار، سيڙپڪاري، علمي ۽ ثقافتي مٽاسٽا، قونصلر معاملن ۽ سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جي شعبن ۾ تعا??ن جو جامع جائزو ورتو. ان موقعي تي گهڻ رخي فورمز ۽ علائقائي پليٽ فارمز تي پاڪستان بيلجيئم جي حصيداري تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ٻنهي ڌرين پنهنجي گڏيل ٻطرفي ايجنڊا کي اڳتي وڌائڻ جي لاءِ وقت سر مش??ور?? جي اهميت تي زور ڏنو.