اسلام آباد – 21 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف جي دعو?? تي جمهوريه بيلاروس جو صدر اليگزينڊر لوڪا شينڪو 25 کان 27 نومبر تائين پاڪستان جو سرڪاري دورو ڪندو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب بيلاروس جو صدر لوڪا شينڪو وزيراعظم محمد شهباز شريف سان تفصيلي ڳالهه ٻولهه ??ندو ۽ ٻطرفي تعاون جي شعبن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪ??دو. دوري دوران ڪيترن ئي معاهدن ۽ مفاهمت جي يادداشتن تي صحيحون پڻ ڪيون وينديون. ترجمان پنهنجي بيان ۾ وڌيڪ چيو ته بيلاروس جي صدر ??و دورو پاڪستان ۽ بيلاروس جي وچ ۾ مضبوط ۽ وڌندڙ حصيداري جي عڪاسي ڪري ٿو.