اسلام آباد- 19 نومبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق سان برطانيا جي پارلياماني معاملن بابت انڊر سيڪريٽري، پرڏيھي وزير، دولت ??شترڪه ۽ ترقي ھميش فالڪز ملاقات ڪئ??. قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ مان جاري بيان مطابق اسپيڪر پارليامينٽ ھائوس آمد تي ھميش فالڪز جي آجيان ڪئ??. اسپيڪر برطانيا جي پارلياماني معاملن بابت انڊر سيڪريٽري پرڏيھي وزير ھميش فالڪز لاءِ نيڪ خواھشن جو اظھار ڪيو. اسپيڪر دولت ??شترڪه جي ميمبر ملڪن وچ ۾ پارلياماني رابطن ۾ اضافي جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو ته پاڪستان دولت ??شترڪه جو ھڪ سرگرم ميمبر آھي، دولت ??شترڪه جو ھڪ ذميوار ميمبر ھجڻ جي حيثيت سان پاڪستان ھميشه دولت ??شترڪه جي فيصلن ۽ پاليسين جي پاسداري ڪئ?? آھي. سردار اياز صادق چيو ته پاڪستان جمھوري ادارن کي مستحڪم بنائڻ لاءِ برطانيه ۽ دولت ??شترڪه جون ڪاوشون واکاڻ جوڳون آھن، پاڪستان برطانيه ??ان پنھنجي پائيدار، تاريخي ۽ دوستاڻن لاڳاپن کي وڏي اھميت ڏئي ٿو. ان موقعي تي ھميش فالڪز پاڪستان ۾ جمھوري ادارن کي مستحڪم بڻائڻ لاءِ تعاون جاري رکڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. پارلياماني معاملن بابت انڊر اسيڪريٽري پرڏيھي وزير، دولت ??شترڪه ھميش فالڪز شاندار آجيان تي قومي اسيمبلي جي اسپيڪر جو شڪريو ادا ڪيو.