باڪو – 13 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پنهنجو ٽن ڏينهن جو آذربائيجان جو دورو م??مل ڪري پاڪستان روانو ٿي ويو. آذربائيجان جي انصاف واري وزير فريد احمدوف وزيراعظم کي باڪو ايئرپورٽ تي الوداع ڪيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موج?? وزيراعظم محمد شهباز شريف پنهنجي آذربائيجان جي دوري دوران ڪوپ 29 ڪلائميٽ ا??ڪش?? سربراهي اجلاس ۾ شرڪت ڪئ?? ۽ ڪانفرنس ۾ شريڪ عالمي اڳواڻن کي ماحولياتي تبديلي جي هاڃيڪار اثرن جي خطري ۾ ورتل پاڪستان جي مشڪلاتن کان آگاهه ڪيو. وزيراعظم تاريخي طور تي ماحولياتي آلودگي جي ذميوار ملڪن پاران ماحولياتي عالمي معاشي واعدن جي تڪميل تي زور ڏنو. وزيراعظم پاڪستان پاران منعقد ڪلائميٽ فنانس گول ميز ڪانفرنس جي ميزباني ڪئ?? ۽ ماحولياتي تبديلي جي حوالي سان عالمي معاشي واعدن جي تڪميل تي زور ڏنو. وزيراعظم تاجڪستان پاران گليشيئرز جي تح??ظ جي حوالي سان منعقد اعليٰ سطحي تقريب ۾ شرڪت ڪئ?? ۽ گليشيئرز ۽ پاڻي وسيلن جي تح??ظ جي لاءِ پاڪستان جي قدمن تي روشني وڌي. وزيراعظم ان موقعي تي ڊينمارڪ، چيڪ ريپبلڪ جي وزيراعظمن ۽ آذربائيجان جي صدر سان ٻطرفيون ملاقاتون ڪيُون. وزيراعظم جي ڪوپ 29 جي ڪلائميٽ ا??ڪش?? سربراهي اجلاس جي موقعي تي برطانيا جي وزيراعظم، گڏيل عرب امارات، تاجڪستان، ازبڪستان، قازقستان، نيپال جي صدرن سان غيررسمي ملاقاتون پڻ ٿيون.