اسلام آباد – 07 – نومبر (اي پي پي) پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ چيو آهي ته پاڪستان جي ??در ۽ وزيراعظم آمريڪا جي نئين چونڊيل ??در ڊ??نل?? ٽرمپ کي مبارڪباد ڏني آهي، پاڪستان ۽ آمريڪا پراڻا دوست ۽ حصيدار آهن، اسان هڪ ٻئي جي اندروني معاملن ۾ عدم مداخلت تي ٻڌل لاڳاپا رکون ٿا، والاريل ڪشمير جي آزادي پسند اڳواڻ ۽ ڄمون ۽ ڪشمير لبريشن فرنٽ جي چيئرمين محمد ياسين ملڪ جي نئين دهلي جي بدنام زمانه تهاڙ جيل ۾ ب?? هڙتال ۽ خراب ٿيند?? صحت تي ڳڻتي آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پنهنجي هفتيوار پريس بريفنگ دوران چيو ته پاڪستان کي محمد ياسين ملڪ جي خراب ٿيند?? صحت تي سخت ڳڻتي آهي، کيس فوري طور تي طبي سهولتون فراهم ڪرڻ گهرجن. هن چيو ته پاڪستان ياسين ملڪ جي فوري آزادي جو پڻ مطالبو ڪري ٿو. ترجمان چيو ته پاڪست??ن غزه ۾ فوري فائربندي جو مطالبو ڪيو آهي، غزه ۾ اسرائيلي جارحيت جي شديد مذمت ڪريون ٿا، پاڪستان فلسطين مسئلي جي ٻه رياستي حل جو حامي آهي، غزه ۾ نسل ڪشيءَ کي فوري بند ڪرڻ جي لاءِ گڏيل قومون پنهنجو ڪردار ادا ڪري، غزه ۾ اسرائيل پاران نسل ڪشيءَ جي جنگي ڏوهن تحت جاچ ٿيڻ گهرجي. هن چيو ته اسان گڏيل قومن جي غزه جي صورتحال بابت رپورٽ جي آجيان ڪريون ٿا، اسرائيلي حملن سان فوري طبي امداد جي منتظر فلسطينين کي امداد حاصل ڪرڻ ۾ مشڪلاتون درپيش آهن. ممتاز زهره بلوچ هڪ سوال جي جواب ۾ ??در ۽ وزيراعظم پاڪستان نئين چونڊيل آمريڪي ??در ڊ??نل?? ٽرمپ کي مبارڪباد ڏني آهي، پاڪستان جا آمريڪا سان پراڻا لاڳاپا آهن، پاڪستان ۽ آمريڪا پراڻا دوست ۽ حصيدار آهن، اسان هڪ ٻئي جي اندروني معاملن ۾ عدم مداخلت تي ٻڌل لاڳاپا رکون ٿا. ياد رهي ته محمد ياسين طبي سهولتن جي عدم فراهمي جي خلاف تهاڙ جيل ۾ گذريل 7 ڏينهن کان ب?? هڙتال تي آهي.