اسلام آباد – 07 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف محم?? آصف کي دوحه ۾ انٽرنيشنل بليئرڊز اينڊ ورلڊ ??نو??ر فيڊريشن (آءِ بي ايس ايف) چيمپيئن شپ کٽڻ تي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته پاڪستان جا باصلاحيت نوجوان راندين جي ميدانن ۾ پاڪستان جو نالو روشن ڪري رهيا آهن. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم چيو ته محم?? آصف ٽيون ڀيرو عالمي چيمپيئن شپ کٽي پوري قوم جو ڳاٽ فخر سان بلند ڪري ڇڏيو. محم?? آصف جا گهرڀا??ي ۽ سندس ڪوچ به ان فتح تي مبارڪباد جا مستحق آهن. عالمي چيمپيئن شپ کٽڻ جي لاءِ محم?? آصف ڏينهن رات محنت ڪئي جنهن جي لاءِ هو ساراهه جي لائق آهي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان جا باصلاحيت نوجوان راندين جي ميدانن ۾ پاڪستان جو نالو روشن ڪري رهيا آهن. حڪومت هر ممڪن ڪوشش ڪري رهي آهي ته رانديگرن کي عالمي معيار جون سهولتون فراهم ڪيون وڃن. عالمي مقابلن جي لاءِ رانديگرن کي تياري جي معياري سهولتن جي فراهمي حڪومت جي اولين ترجيح آهي.