اسلام آباد – 02 نومبر (اي پي پي) سڌ سماءُ جي وف??قي وزير عطا الله تارڙ ايسوسي ايٽڊ پري آف پاڪستان (اي پي پي) جي اردو نيوز سروس جي ڊائريڪٽر عبدالجبار ذڪريا جي والده جي لاڏا??ي تي افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي تعزيتي پيغام ۾ وف??قي وزير مرحومه جي وارثن سان دلي همدردي جو اظهار ڪندي چيو ته عبدالجبار ذڪريا جي والده جي فوتگي جي خبر ٻڌي دلي افسوس ٿيو. مرحومه جو لاڏاڻو وارثن لاءِ وڏو سانحو آهي. هن چيو ته والده جهڙي عظيم هستي جو ڪو نعم البدل ناهي. وف??قي وزير الله تعاليٰ کان مرحومه جي درجن جي ب??ندي ۽ وارثن لاءِ صبر جي دعا گهري.