واشنگٽن -24 ??ڪٽ??بر (اي پي پي )ناڻي ۽ محصول واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب سان آمريڪي پرڏيهي کاتي جي اقتصادي ۽ ڪاروباري معاملن جي اسسٽنٽ سيڪريٽري ايمي هولمين ملاقات ڪئي ۽ گڏيل دلچسپي جي معاملن بابت خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ناڻي وزارت پار??ن جاري ڪيل بيان موجب ناڻي واري وزير پاڪست??ن جي سماجي اقتصادي ترقي ۾ پاڪ – آمريڪا اقتصادي شراڪت داري جي اهميت کي تسليم ڪيو ۽ آمريڪي حمايت جو شڪريو ادا ??يو. هن زراع??، آئي ٽي ، توانائي ۽ کاڻين جي شعبن ۾ سيڙپڪاري جي موقعن جي نشاندهي ڪئي ۽ آمريڪي ڪمپنين کي انهن شعبن ۾ سيڙپڪاري جي دعوت ڏني.