اسلام ??باد – 21 – آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات،نشريات، قومي ورثي ۽ ثقافت واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ 26هين آئيني ت??ميم جي منظوري کي پاڪستان جي ت??ريخ ۾ اهم سنگ ميل قرار ڏيندي چيو آهي ته اڄ هڪ نئُون سج اڀريو آهي، اڄ پاڪستان جي عوام، رياست پاڪستان ۽ جمهوريت جي فتح ٿي آهي، تاريخ ثابت ڪندي ته آئيني ت??ميم عوام ??ي حق ۾ هوندي. اها ڳالهه هن 26هين آئيني ت??ميم جي منظوري تي پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، جمعيت علماءِ اسلام ??ي سربراهه مولانا فضل الرحمان، و??اقي ڪابينا جي ميمبرن، سمورين اتحادي پارٽين ۽ قوم کي مبارڪباد ڏيندي چئي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته آئيني ت??ميم سان آئيني ۽ قانوني معاملن کي وڌيڪ استحڪام ملندو، 26هين آئيني ت??ميم تي ڊگهي مشاورت ٿي، حڪومت حتي الامڪان ڪوشش ڪئي ته آئيني ت??ميم تي اتفاق راءِ پيدا ڪيو وڃي. هن چيو ته 26هين آئيني ت??ميم جي منظوري جمهوريت جي ڪاميابي آهي جنهن کي ت??ريخ ۾ سدائين ياد رکيو ويندو. وفاقي وزير چيو ته قائداعظم محمد علي جناح آئيني عدالت جي سوچ جو بنياد رکيو هو، تاريخ ثابت ڪندي ته آئيني ت??ميم عوام ??ي حق ۾ هوندي. هن چيو ته آئيني ت??ميم سان عوام کي انصاف جي فراهمي ۾ رڪاوٽون ختم ٿينديون. وفاقي وزير چيو ته سياست ۾ ضد ناهي هوندو، آئيني ت??ميم جي منظوري ميثاق جمهوريت جي ايجنڊا جي تڪميل آهي. هن چيو ته آئيني ت??ميم سان ملڪ ۾ قانون جي حڪمراني ۽ بالادستي کي ت??ليم ڪيو ويندو. هن چيو ته آئيني ت??ميم سان عدليه ۾ مقررين ۽ ججز جي ڪارڪردگي جو جائزو وٺڻ جي عمل ۾شفافيت ايندي ۽ پارليامينٽ بالادست اداري جي طور تي پنهنجو ڪم ڪري سگهندو.