اسلام آباد – 01 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز ??ري?? چين جي قومي ڏينهن تي چيني قيادت ۽ عوام کي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته صدر شي جن پنگ جي ولولا انگيز قيادت ۾ چين غيرمعمولي ترقي جا هدف حاصل ڪيا آهن. ايڪس تي پن??نجي پيغام ۾ وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۽ چين آئرن برادر آهن، اسان جي اسٽريٽجڪ حصيداري وقت سان گڏوگڏ مضبوط کان مضبوط تر ٿي رهي آهي. هن چيو ته پاڪستان ۽ چين روڊ اينڊ ??يل?? منصوبي جي فليگ شپ پراجيڪٽ (سي پيڪ) جي مڪمل ڪاميابي لاءِ پرعزم آهن. وزيراعظم چيو ته اڄ جي ڏينهن اسان چين سان هر شعبي ۾ لاڳاپن کي وڌيڪ مس??حڪ?? بڻائڻ ۽ علائقائي امن ۽ خوشحالي جي لاءِ پن??نجي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جي عزم جو اظهار ڪريون ٿا.