اسلام آباد – 10 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري قوم جي ذهني صحت کي بهتر بڻائڻ ۽ ذهني صحت جي سهولتن کي وڌائ?? جي لاءِ ڀرپور عزم جو اظهار ڪندي چيو آهي ته اسان گڏجي پنهنجي انفرادي ۽ اجتماعي ڪوششن جي ذريعي هڪ صحتمند قوم جي تعمير ڪري سگهون ٿا. اها ڳالهه هن ذهني صحت جي عالمي ڏينهن جي م??قع?? تي پنهنجي پيغام ۾ چئي. صدر چيو ته اڄ اسان ذهني صحت بابت بيداري ۽ ضرورتمندن کي مشاورت ۽ مدد فراهم ڪر?? جي ضرورت لاءِ دماغي صحت جو عالمي ڏينهن ملهائي رهيا آهيون، هن سال جو موضوع ”ڪم تي ذهني صحت“ ڪم جي صحتمند ماحول پيدا ڪر?? جي اهميت کي اجاگر ڪري ٿو جيڪو ذهني صحت جي حفاظت ۽ مدد ڪري ٿو. هن چيو ته صحت جي عالمي اداري موجب دنيا جي اٽڪل 60 سيڪڙو آبادي افرادي قوت ۾ شامل آهي، ان لاءِ ڪم جي جڳهه تي ذهني صحت تي ڌيان ڏيڻ اڳ کان ڪيترائي ڀيرا وڌيڪ ضروري ٿي ويو آهي. صدر چيو ته ڪم جي جڳهه هراسمينٽ ڪرڻ ۽ ڪم جون خراب حالتون نه رڳو پورهيتن جي ذهني صحت کي متاثر ڪن ٿيون پر پيداواري صلاحيت ۾ پڻ گهٽتائي جو سبب بڻجن ٿيون. تنهن ڪري اهو ضروري آهي ته آجر ۽ ٻيون ڌريون ذهني صحت کي بهتر بڻائڻ ۽ پيداواري صلاحيت کي وڌائ?? جي لاءِ هڪ صحتمند ۽ سازگار ڪم جو ماحول ٺاهين. هن چيو ت?? پاڪستان ذهني صحت کي بهتر بڻائ?? جي لاءِ پرعزم آهي ۽ هِن نيشنل مينٽل هيلٿ هيلپ لائين (1166) جي شروعات ڪئي آهي جيڪو پهچ جو??ي مدد فراهم ڪر?? جي لاءِ اسان جي عزم کي واضح ڪري ٿو. صدر چيو ته اها هيلپ لائين ماڻهن کي ضروري خدمتن بشمول مقامي علاج جي سهولتن ۽ سپورٽ نيٽ ورڪ سان ڳنڍي ٿي. وڌيڪ اهو ت?? پاڪستان کي اهڙو پهريون ملڪ هجڻ تي فخر آهي جنهن بنيادي صحت جي سارسنڀال ۽ ڪميونٽي ٻنهي سطحن تي ذهني صحت سميت ضروري صحت جي خدمتن جي لاءِ پئڪيج تيار ڪيو آهي. هن چيو ته ٻين اهم قدمن ۾ ذهني صحت جي لاءِ هڪ قومي ٽاسڪ فورس قائم ڪرڻ شامل آهي جيڪو نگراني فراهم ڪري ٿو، ذهني تندرستي کي فروغ ڏيڻ ۽ ذهني مرضن کان متاثر ماڻهن جي بهتر سارسنڀال ۽ انساني حقن جي وڪالت ڪري ٿو. صدر آصف علي زرداري چيو ته اسان مسئلي جو جلد پتو لڳائ?? جي لاءِ ذهني صحت جي تعليم کي پڻ ليڊي هيلٿ ورڪرز جي تربيتي نصاب ۾ شامل ڪيو آهي. هن چيو ته اسان پنهنجي قوم جي ذهني صحت کي بهتر بڻائڻ ۽ ذهني صحت جي سهولتن کي وڌائ?? جي لاءِ پرعزم آهيون. صدر پنهنجي پيغام ۾ وڌيڪ چيو ته ان ڏينهن هر هڪ کي صحتمند طرز زندگي اختيار ڪرڻ، پنهنجي پيارن سان ڳنڍي رکڻ ۽ ڇڪتاڻ تي ضابطو آڻ?? جي لاءِ باقاعده جسماني سرگرمي ۾ مشغول ره?? جي ترغيب ڏي ٿو. هن چيو ته اسان گڏجي پنهنجي انفرادي ۽ اجتماعي ڪوششن جي ذريعي هڪ صحتمند قوم جي تعمير ڪري سگهون ٿا.