اسلام آباد – 17 – سيپٽمبر (اي پي پي) روسي ف??ڊريشن جو نائب وزيراعظم اليڪسي اوورچڪ 18 ۽ 19 سيپٽمبر تي هڪ اعليٰ سطحي وفد جي قيادت ڪندي پاڪستان جو دورو ڪندو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري پڌرائي موجب پنهنجي ٻن ڏينهن جي دوري جي موقعي تي نائب وزيراعظم اليڪسي اوورچڪ صدر آصف علي زردا??ي، وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار سان ملاقاتون ڪندو.