اسلام آباد – 29 – آگسٽ (اي پي پي) پرڏيهي آفيس جي ??رجمان ممتاز زهره بلوچ چيو آهي ??ه پاڪستان ۽ اومان جي وچ ۾ مسقط ۾ هلندڙ هفتي ٻطرفي سياسي مشاورت جو اٺون اجلاس ٿيو. پرڏيهي آفيس جي ??رجمان پريس بريفنگ ۾ چيو ته ڳالهه ٻولهه ۾ ايڊيشنل پرڏيهي سيڪريٽري (وچ اوڀر) سفير شهريار اڪبر خان ۽ اومان جي پرڏيهي وزارت ۾ جي ??ي سي ۽ ريجنل نيبرهوڊ ڊپارٽمينٽ جي ??ربراهه سفير شيخ احمد بن حشيل بن راشد المسڪري پنهنجي پنهنجي ملڪن جي وفدن جي قيادت ڪئي. ترجمان چيو ته ڌرين پاڪستان ۽ اومان جي وچ ۾ ٻطرفي تعاون جي ??مورنر خن بشمول سياسي لاڳاپن، واپار ۽ سيڙپڪاري، سلامتي ۽ دفاع، ث??افت، صحت ۽ ق??نصلر معاملن جو جامع جائزو ورتو. ڳالهه ٻولهه ۾ گهڻ رخي فورمز تي پاڪ اومان تعاون تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ترجمان چيو ته ڌرين غزه تي اسرائيل جي ??نگ ۽ فلسطيني عوام جي نسل ڪشيءَ تي پڻ گهري ڳڻتي جو اظهار ڪيو. هن فوري ۽ غيرمشروط جنگبندي جي ??رورت تي زور ڏنو ۽ فلسطين جي هڪ قابل عمل، خودمختيار ۽ لڳولڳ رياست قائم ڪرڻ جي مطالبي جو پڻ ورجاءُ ڪيو.