اسلام آباد-28 آگسٽ (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي سان گڏيل قومن جي افغانستان بابت خاص نمائندي اندريڪا توتي جي اڳواڻيءَ ۾ وفد ڪالهه گهرو وزارت ۾ ملاقات ڪئ??. اعليٰ سطحي وفد ۾ گڏيل قومن جو ريزيڊنٽ ڪوآرڊينيٽر ??حم?? يحيٰ، فدي ايل ۽ افغانستان ۾ گڏيل قومن جي مشن جو سربراهه مالڪ سيسي به شامل هو. وفاقي وزير گهرو وزارت پهچڻ تي گڏيل قومن جي وفد جي آجيان ڪئ??. افغانستان بابت گڏيل قومن جي خاص نمائندي بلوچستان ۾ دهشتگرديءَ جي تازن واقعن جي ڀرپور مذمت ڪئ??. وفاقي وزير وفد سان ڳالهائيندي چيو ته دهشتگردي هڪ عالمگير مسئلو آهي ۽ پاڪستان دهشتگرديءَ سبب سڀ کان وڌيڪ متاثر ملڪ آهي، دهشتگرديءَ خلاف جنگ ۾ سيڪيورٽي فورسز، پوليس ۽ شهرين جي قربانين جو مثال نٿو ملي. گهرو وزير پاڪستان ۾ ٿيل حملن ۾ ڪالعدم ٽي ٽي پي جي ملوث هئڻ جي باري ۾ وفد کي آگاهه ڪيو. هن چيو ته ٽي ٽي پي حملن لاءِ افغانستان جي ڌرتي استعمال ڪري ره?? آهي ۽ کين هر حال ۾ روڪڻو پوندو. گهرو وزير چيو ته پاڪستان ڪيترن ئي ڏهاڪن کان افغان پناهگيرن جي مهمان نوازي ڪئ?? آهي، غير قانوني ط??ر پرڏيهين جي واپسي مرحليوار شروعات ٿي چڪ?? آهي. هن واضح ڪيو ته قانوني دستاويز رکندڙ ماڻهن خلاف ڪابه ڪارروائي نه پئي ڪئ?? وڃي، ويزا ۽ ٻين قانوني دستاويزن بنا ڪنهن کي پاڪستان ۾ رهڻ جي اجازت نٿا ڏئي سگهون ۽ جلد افغان پناهگيرن جي واپسيءَ جو ٻيو مرحلو شروع ڪيو ويندو. گهرو وزير افغان پناهگيرن جي بحاليءَ لاءِ گڏيل قومن ۽ عالمي برادريءَ جي ڪردار جي ضرورت تي زور ڀريو. خاص نمائندي افغان پناهگيرن ۽ دوحه ڊائلاگ جي حوالي سان پاڪستان جي ڪردار کي ساراهيو ۽ چيو ته افغان پناهگيرن جي مستقبل بحاليءَ تي افغان حڪومت سان گڏ ڪم ڪري رهيا آهيون.