اسلا?? آباد – 26 – آگسٽ (اي پي پي) سڄي ملڪ ۾ امام حسين عه جو چاليهو عقيدت ۽ احترام سان ملهايو ويو، مختلف شهرن ۾ جلوس برآمد ڪيا ويا، سڄي ملڪ ۾ چاليهي جي موقعي تي سيڪيورٽي جا سخت انتظام ڪيل هئا. ڪربلا جي شهيدن جو چاليهو ڪالهه سومر ڏينهن 26 آگسٽ 2024ع تي سڄي ملڪ ۾ وڏي عقيدت ۽ احترام سان ملهايو ويو. ڪراچي، حيدرآباد، اسلا?? آباد، لاهور، پشاور، ڪوئيٽا، گلگت بلتستان سميت ملڪ جي سمورن ننڍن وڏن شهرن ۾ ماتمي جلوس برآمد ڪيا ويا.
ڪراچي ۾ مرڪزي جلوس خارادار مان نڪتو جڏهن ته حيدرآبا?? ۾ ??رڪزي جلوس قدم گاهه مولا علي ??ضه تان انجمن اماميه سنڌ جي انتظام ه??ٺ نڪتو جيڪو روايتي رستن تان ٿيندو واپس امام بارگاهه دادن شاهه پهچي اختتام پذير ٿيو. جلوس ۾ شريڪ عزادارن ماتم ۽ زنجير زاني ڪئي، جڏهن ته نوحن وسيلي ڪربلا جي شهيدن کي پرسو ڏنو ويو. جڏهن ته ان کانسواءِ بدين، تلهار، ٽنڊو ڄام، ميرپورخاص، سکر، خيرپور، شڪارپور، لاڙڪاڻو، دادو، ڄامشورو، مٺي، عمرڪوٽ سميت سنڌ جي سمورن شهرن ۾ پڻ ذوالجناح ۽ علم پاڪ سان جلوس برآمد ڪيا ويا. ان موقعي تي سيڪيورٽي جا سخت انتظام ڪيا ويا هئا. ڪراچي ۾ مانيٽرنگ سيل قائم ڪيو ويو هو جڏهن ته فورسز جا ڪيترائي جوان جلوسن تي رستن تي مقرر هئا.