اسلام آباد-07 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم يوٿ پروگرام جي چيئرمين راڻا مشهود احمد خان چيو آهي ته وزيراعظم محمد شهباز شريف جي سربراهي ۾ معاشي بحالي، ??وا?? کي ر??يف ڏيڻ لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهيون، نوجوانن جي صلاحيتن کي استعمال ۾ آڻڻ لاءِ پرعزم آهيون، بااختيار نوجوان پنهنجي خاندان ۽ ملڪ جي خوشحالي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا. اهڙو اظهار هن پريس ڪانفرنس کي ڪندي ڪيو. هن چيو ته مهانگائي 4 سالن جي گهٽ ترين سطح تي آهي، حڪومت معيشت کي پنهنجي پيرن تي بيهارڻ لاءِ قدم کڻي رهي آهي، سمورا معاشي اهڃاڻ مثبت آهن. ايندڙ ڪجهه مهينن ۾ مهانگائي ۾ وڌيڪ گهٽتائي ايندي ۽ ??وا?? کي ر??يف ملندو. هن چيو ته پاڪس??ان دولت مشترڪه سان فعال انداز ۾ گڏجي ڪم ڪري رهيو آهي، 2017ع تائين پاڪس??ان ۾ چين سميت ٻيا ملڪ سيڙپڪاري ڪري رهيا هئا، 2017ع کان 2024ع جي وچ ڌاري پاڪس??ان ۾ ڪا به سيڙپڪاري نه آئي جنهن جو اسان کي تمام وڏو نقصان کڻڻو پيو، حڪومتي قدمن سبب سڄي دنيا جا سيڙپڪار پاڪس??ان جو رخ ڪري رهيا آهن. دولت مشترڪه جي سيڪريٽري جنرل پاڪس??ان جو دورو ڪيو، دولت مشترڪه جي سيڪريٽري جنرل جو دورو انتهائي ڪامياب رهيو، ڪيترن ئي معاهدن ۽ مفاهمت جي يادداشتن تي صحيحيون ڪيون ويون، ان جا اثر جلد سامهون ايندا. پاڪس??ان دولت مشترڪه سان مصنوعي ذهانت ۾ تعاون جو معاهدو ڪيو آهي، جيڪو 12 آگسٽ تي نوجوانن جي عالمي ڏينهن تي جاري ڪيو ويندو. هن چيو ته دولت مشترڪه جي يوٿ منسٽرز جي ٽاسڪ فورس جي چيئرمين شپ پاڪس??ان وٽ آهي، ان ٽاسڪ فورس تحت دولت مشترڪه جي 56 ميمبر ملڪن جا تعليم، راندين ۽ صنعت وارا وزير ايندڙ سال پاڪس??ان جو دورو ڪندا، ??ن سان انهن ملڪن وچ ۾ واپار ۽ ڪاروبار جا موقعا پيدا ٿيندا. هن چيو ته هلندڙ مهيني جي آخر ۾ وزيراعظم يوٿ لون اسڪيم ٻيهر شروع ڪئي ويندي، 3 لک نوجوانن ۾ 100 ارب روپين جا قرض ورهايا ويندا، انهن قرضن جي واپسي جي شرح 97 سيڪڙو آهي ??ن سان ملڪي معيشت کي 900 ارب روپين جو فائدو ٿيو آهي، انهن نوجوانن 30 هزار ملازمتون فراهم ڪيون آهن. هن چيو ته موجوده حڪومت جي دانشمنداڻي قدمن سبب آءِ ٽي جي روانگي واپار ۾ نمايان اضافو ٿيو آهي، ڇاڪاڻ ته حڪومت آءِ ٽي کي هٿي ڏيڻ تي ڌيان ڏئي رهي آهي.