اسلام آباد – 22 – جولائي (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پر??يه?? وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار سلطانت عمان جي پر??يه?? وزير سيد بدر بن حمد بن حمود البوسيدي سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. پر??يه?? آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب هن مسقط جي واديءَ ڪبير ۾ امام بارگاهه علي بن ابو طالب تي ٿيندڙ تازي دهشتگرد حملي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ هر قسم جي دهشتگردي کي منهن ڏيڻ جي لاءِ گڏيل ڪارروائي جي اهميت تي زور ڏنو. نائب وزيراعظم دهشتگردي کي منهن ڏيڻ جي لاءِ عمان جي ڪوششن ۾ پا??ست??ن جي مڪمل حمايت جو اعلان ڪيو. هن ميتن جي پا??ست??ن واپسي ۽ عمان جي اسپتالن ۾ پا??ست??ني زخمي شهرين جي سارسنڀال ۾ عمان جي تعاون کي پڻ ساراهيو. بيان موجب ٻنهي ا??واڻن سياسي، اقتصادي ۽ دفاعي تعاون کانسواءِ عوام جي مٽاسٽا تائين ٻطرفي لاڳاپن جي سمورن رخن جو جائزو ورتو. نائب وزيراعظم ۽ پر??يه?? وزير هن هفتي جي آخر ۾ عماني سيڙپڪارن جي هڪ وفد جي پا??ست??ن اچڻ جي آجيان ڪئي جيڪو گڏيل طور تي لاڀائتي اقتصادي تعاون جي شعبن کي ڳولڻ جي لاءِ تيار آهي. ٻنهي ا??واڻن گڏيل دلچسپي جي علائقائي ۽ عالمي معاملن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. قيادت ۽ پر??يه?? وزارت جي سطح تي دورن جي مٽاسٽا تي اصولي طور تي اتفاق ڪيو ويو جنهن جي لاءِ سفارتي ذريعن سان گڏيل طور تي مناسب تاريخن کي طئي ڪيو ويندو.