اسلام آباد-12 جولاءِ (اي پي پي) سپريم ڪورٽ مخصوص سيٽن بابت درخواست تي اليڪشن ڪميشن ۽ پشاور هاءِ ڪورٽ جي ف??صل?? کي ڪالعدم قرار ڏيندي چيو آهي ته پي ٽي آءِ ??خصوص سيٽن جي حقدار آهي. سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جي چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي سرب??اه?? ۾ 13 رڪني بينچ سني اتحاد ڪائونسل جي مخصوص سيٽن بابت ڪيس جو ف??صل?? محفوظ ڪيو هو جنهن ۾ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ، جسٽس منيب اختر، جسٽس منصور علي شاهه، جسٽس اطهر من الله، جسٽس عائشه ملڪ، جسٽس شاهد وحيد، جسٽس اظهر حسن رضوي، جسٽس يحيٰ آفريدي، جسٽس جمال مندوخيل، جسٽس محمد علي مظهر، جسٽس عرفان سعادت، جسٽس نعيم افغان ۽ جسٽس امين الدين شامل هئا. چيف جسٽس چيو ته سني اتحاد ڪائونسل جي درخواست تي ف??صل?? 5 جي ڀيٽ ۾ 8 جي اڪثري?? جو آهي. ف??صل?? جسٽس منصور علي شاهه لکيو آهي. سپريم ڪورٽ جي ڪمري نمبر هڪ ۾ اليڪشن ڪميشن جي وڪيل سڪندر بشير، اٽارني جنرل منصور اعواڻ ۽ پي ٽي آءِ اڳواڻن جي موجودگي ۾ ف??صل?? ٻڌايو ويو. جسٽس منصور علي شاهه ف??صل?? ٻڌائيندي سني اتحاد ڪائونسل جي مخصوص سيٽن بابت اليڪشن ڪميشن ۽ پشاور هاءِ ڪورٽ جي ف??صل?? کي ڪالعدم قرار ڏنو ۽ چيو ته اليڪشن ڪميشن جو ف??صل?? آئين جي خلاف آهي. چونڊ نشان نه ملڻ ڪنهن سياسي پارٽي کي چونڊن ۾ حصو وٺڻ جي قانوني ۽ آئيني حق کي متاثر نٿي ڪري. پاڪستان تحريڪ انصاف هڪ سياسي پارٽي هئي ۽ آهي. سپريم ڪورٽ عورتن ۽ اقليتن جون مخصوص سيٽون پي ٽي آءِ کي ڏيڻ جو حڪم جاري ڪندي چيو ته پي ٽي آءِ ??خصوص سيٽن کي حاصل ڪرڻ جي حقدار آهي. پي ٽي آءِ ان ف??صل?? جي 15 ڏينهن ۾ پنهنجي اميدوارن جي نالن جي فهرست ف??اه?? ڪري، سپريم ڪورٽ جو ف??صل?? قومي ۽ صوبائي اسيمبلين تي لاڳو هوندو.