اسلام آباد – 31 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ??ه حڪومت تماڪ جي استعمال کي روڪڻ جي لاءِ سخت قدم کنيا آهن، ملڪ مان تماڪ جي وا??پي جي مڪمل خاتمي جي لاءِ تماڪ جي پيداوار ۽ استعمال کي گهٽ ڪرڻو پوندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب تماڪ جي وا??پي جي خاتمي جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ وزيراعظم چيو ته تماڪ جي وا??پي جي خاتمي جو عالمي ڏينهن اسان سڀني جي لاءِ عوامي صحت تي تماڪ جي وا??پي جي تباهي ??ڻيندڙ اثرن کي منهن ڏيڻ جي حوالي سان گڏيل ڪوششن بابت هڪ ياد ڏياري ٿو، تماڪ جي وا??پي جي خاتمي جي عالمي ڏينهن جي هن سال جو موضوع ”تماڪ جي صنعت جي اثرن کان ٻارن جو تحفظ“ آهي ??يڪو تماڪ وا??رائڻ ۾ گهٽتائي کي يقيني بڻائي اسان جي ايندڙ نسلن کي تحفظ فراهم ڪرڻ تي مرڪوز آهي. هن چيو ته تماڪ وا??رائڻ نه رڳو انهن انهن ماڻهن جي صحت تي اثرانداز ٿئي ٿي جيڪي ان کي استعمال ڪن ٿا پر اهو تماڪ وا??رائيندڙن جي ويجهو رهندڙ ماڻهن جي صحت جي لاءِ پڻ نقصانڪار آهي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان جو ڳاڻيٽو دنيا جي ان??ن 15 ملڪن ۾ ٿئي ٿو جتي هڪ وڏي انگ ۾ ماڻهو تماڪ وا??رائڻ کان متاثر آهن ۽ تماڪ وا??رائڻ جي ڪري ڪينسر، دل جي مرضن، ذيابيطس ۽ ساهه جي بيمارين ۾ مبتلا ٿي رهيا آهن، حڪومت تماڪ جي استعمال کي روڪڻ جي لاءِ سخت قدم کنيا آهن جن ۾ سگريٽ جي دٻين تي تماڪ وا??رائڻ جي صحت تي مضر اثرن بابت وارننگز لڳائڻ، کليل سگريٽن جي وڪري تي پابندي، پوائنٽ آف سيل تي سگريٽ جي اشتهارن تي پابندي ۽ تماڪ تي ٽيڪس ۾ اضافو شامل آهي. هن چيو ته پاڪستان مان تماڪ وا??رائڻ جي مڪمل خاتمي جي لاءِ تماڪ جي پيداوار ۽ استعمال ٻنهي کي گهٽ ڪرڻو پوندو، ان حوالي سان تماڪ جي استعمال جي حوصلا شڪني جي لاءِ سگريٽ تي اسان ٽيڪس کي 150 سيڪڙو تائين وڌائي ڇڏيو آهي. وڌيڪ اهو ته تماڪ ۽ سگريٽ جي هر قسم جي تشهير بشمول قومي ٽي وي، ريڊيو، پرنٽ ميڊيا، بل بورڊز، پوائنٽ آف سيل ايڊورٽائيزنگ ممنوع آهي، سگريٽ ڪمپنين جي اسپانسرشپ ۽ اهڙي طرح جي اسپانسرشپ جي تشهير تي پڻ پابنديون هنيون آهن. هن چيو ته آئون سول سوسائٽي، پيشيواراڻي تنظيمن، غيرسرڪاري تنظيمن ۽ ميڊيا کي اپيل ڪريان ٿو ته اهي ??سان جي معاشري مان ان لعنت جي خاتمي جي لاءِ اسان جي قومي ڪوششن ۾ تعاون ڪن، تماڪ وا??رائڻ کي رد ڪري اسان هڪ صحتمند ۽ وڌيڪ خوشحال پاڪستان جو بنياد رکي سگهون ٿا. وزيراعظم چيو ته ”سگريٽ ڇڪڻ کي نه“ چوڻ جو عزم ڪريون ۽ تماڪ کان پاڪ پاڪستان جي تعمير جي لاءِ گڏجي ڪم ڪريون.