اسلام آباد – 08 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ٽيڪنيڪي ۽ فني تعليم کي هڪ جهڙو ڪرڻ ۽ ٻاهرئين ملڪ پاڪستاني افرادي قوت جي بهتر روزگار جي لاءِ پاڪستان اسڪل ڪمپني ۽ اسڪل ڊيولپمينٽ فنڊ جي قيام ۽ ٽيڪنيڪي ۽ فني تربيت جي شعبي ۾ سڌارن جي لاءِ ڪميٽي قائم ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار وزيراعظم پنهنجي صدارت ۾ سمنڊ پار پاڪستاني مع??مل?? ۽ ترقي ۽ افرادي قوت واري وزارت ۽ نيشنل ووڪيشنل اينڊ ٽريڪنيڪل ٽريننگ ڪميشن جي حوالي سان اعليٰ سطحي جائزه اجلاس ۾ ڪيو. اجلاس ۾ وفاقي وزيرن احد خان چيما، خالد مقبول صديقي، مملڪتي وزير شزه فاطمه خواجه، وزيراعظم يوٿ پروگرام جي چيئرمين راڻا مشهود احمد خان، وزيراعظم جي ڪوآرڊينيٽر راڻا احسان افضل، قومي ڪوآرڊينيٽر خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل ليفٽيننٽ جنرلسرفراز احمد، ڊپٽي چيئرمين پلاننگ ڪميشن جهانزيب خان ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ وزيراعظم کي اين اي وي ٽ?? ٽي سي جي پاڪستان ۾ افرادي قوت جي ٽ??ڪنيڪي ۽ فني تربيت جي حوالي سان قدمن بابت ٻڌايو ويو. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته اين اي وي ٽ?? ٽي سي هلندڙ سال 60 هزار ماڻهن کي ٽ??ڪنيڪي ۽ فني تربيت فراهم ڪندو جڏهن ته سڌارا مڪمل ٿيڻ کانپوءِ ايندڙ ٽن سالن ۾ ڪل 6 لک ماڻهن کي ٽ??ڪنيڪي ۽ فني تربيت جي فراهمي يقيني ب??ائ?? ويندي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته ٽيڪنيڪي ۽ فني تربيت جي لاءِ نه رڳو ٻاهرئين ملڪن مان روزگار جي موقعن ۽ گهربل هنر جي معلومات جي مٽاسٽا يقيني ب??ائ?? پئي وڃي پر مقامي صنعت کان به ان حوالي سان افرادي قوت جي کپت جي ڊيٽا حاصل ڪئي وڃي ٿي. اجلاس کي وڌيڪ ٻڌايو ويو ته اين اي وي ٽ?? ٽي سي ٽ??ڪنيڪي ۽ فني تربيت جي عالمي معيار کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ عالمي معيارج ي شهرت يافته ادارن مان شاگردن ۽ شاگردياڻين جي سرٽيفڪيشن لازمي قرار ڏني آهي. اجلاس کي وڌيڪ ٻڌايو ويو ته وزيراعظم جي هدايت موجب گلگت بلتستان ۽ آزاد ڪشمير جي نوجوانن جي لاءِ نه رڳو وفاقي سطح تي ڪوٽا مخصوص ڪئي وئي آهي پر انهن جي خصوصي تربيت جي لاءِ جد?? پروگرام جاري ڪيو پيو وڃي جنهن جي شروعات هلندڙ سال جون ۾ ٿي ويندي. اجلاس کي سمنڊ پار پاڪستاني مع??مل?? ۽ ترقي ۽ افرادي قوت واري وزارت جي حوالي سان پڻ تفصيلي بريفنگ ڏني وئي ۽ سڌارن تي سفارشون پڻ پيش ڪيون ويون. وزيراعظم اين اي وي ٽ?? ٽي سي ۽ سمنڊ پار پاڪستاني مع??مل?? ۽ ترقي ۽ افرادي قوت واري وزارت جي سڌارن تي فوري سفارشون جوڙڻ جي لاءِ فوري طور تي هڪ ڪميٽي قائم ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي. اجلاس ۾ وزيراعظم سمنڊ پار پاڪستاني مع??مل?? ۽ ترقي ۽ افرادي قوت واري وزارت ۽ اين اي وي ٽ?? ٽي سي ۾ سڌارن جو فيصلو ڪيو آهي ۽ هدايت ڪئي ته ملڪ گير ٽيڪنيڪي ۽ فني تعليم کي هڪ جهڙو ڪرڻ ۽ ٻاهرئين ملڪ پاڪستاني افرادي قوت جي بهتر روزگار جي لاءِ پاڪستان اسڪل ڪمپني ٺاهي وڃي. وزيراعظم پاڪستان اسڪل ڊيولپمينٽ فنڊ جي فوري قيام، پاڪستان اسڪل ڪمپني ۽ پاڪستان اسڪل ڊيولپمينٽ فنڊ قائم ڪرڻ تي فوري طور تي ڪم شروع ڪرڻ جي پڻ هدايت ڪئي. وزيراعظم هدايت ڪئي ته پاڪستان جي نوجوان افرادي قوت کي عالمي معيار جي ٽ??ڪنيڪي ۽ فني تربيت جي فراهمي يقيني بڻائڻ جي لاءِ اين اي وي ٽ?? ٽي سي کي وڌيڪ فعال بڻايو وڃي. سمورن ٽيڪنيڪي شعبن ۾ عالمي شهرت يافته ۽ عالمي سرٽيفڪيشنز يقيني ب??ائ?? وڃي. وزيراعظم وڌيڪ هدايت ڪئي ته پاڪستاني افرادي قوت جي ترقي ۽ ٽيڪنيڪي ۽ فني تعليم جي معيار کي عالمي سطح تي آڻڻ جي لاءِ وفاقي ادارا صوبن سان رابطو ۽ تعاون يقيني ب??ائ??ن ۽ بهترين ۽ عالمي معيار جي پيشيواراڻي ٽ??ڪنيڪي نر سان ليس افرادي قوت جي لاءِ ريگيوليشن جو ٺوس نظام يقيني بڻايو وڃي. وزيراعظم چيو ته نادرا، اين اي وي ٽ?? ٽي سي ۽ سمورن صوبائي ادارن سان گڏجي ملڪ ۾ ۽ ٻاهرئين ملڪ موجود افرادي قوت جو هڪ ٺوس ۽ منظم ڊيٽابيس ٺاهيو وڃي. وزيراعظم هدايت ڪئي ته عالمي معيار سان هم آهنگ فني ۽ ٽيڪنيڪي تربيت جي منصوبابندي لاڳو ڪئي وڃي. وزيراعظم پاڪستاني ٽ??ڪنيڪي ۽ فني افرادي قوت کي ٻاهرئين ملڪ روزگار جي حوالي سان ڪمپنين جي لائيسنس رجيم ۾ پڻ سڌارن جي هدايت ڪئي. وزيراعظم چيو ته اهڙين ڪمپنين ۽ ماڻهن جي نشاندهي ڪئي وڃي جيڪي پاڪستاني افرادي قوت کي دوکو ڏئي انهن کي معاشي نقصان پهچائين ٿا. اهڙا عنصر سڄي دنيا ۾ پاڪستان جي شرمندگي جو سبب بڻجن ٿا. پاڪستاني سفارتخانن ۾ ڪميونٽي ويلفيئر اتاشين جي مقررين ۾ ميرٽ ۽ شفافيت جو خاص خيال رکيو وڃي. وزيراعظم هدايت ڪئي ته پاڪستان ۾ ٽيڪنيڪي ۽ فني تربيت جي شعبي جي سڌارن جي لاءِ هڪ ڪميٽي قائم ڪئي وڃي جيڪا شعبي جي مجموعي طور تي سفارشون پيش ڪندي ۽ ڪميٽي سمنڊ پار پاڪستاني مع??مل?? ۽ ترقي ۽ افرادي قوت واري وزارت جي سڌارن تي پڻ سفارشون جوڙيندي.