اسلام آباد – 01 – مئي (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار 4 ۽ 5 مئي تي گيمبيا جي شهر (بانجول) ۾ اسلامي ملڪن جي تنظيم (او آءِ سي) جي 15 هين سربراهي اجلاس ۾ پاڪستاني ??فد جي قيادت ڪندو. پرڏيهي آفيس پاران ج??ري بيان موجب نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار 2 ۽ 3 مئي تي او آءِ سي ڪائونسل آف فارن منسٽرز جي اجلاس ۾ پڻ شرڪت ڪ??دو جنهن ۾ سربراهي اجلاس جي ايجنڊا کي حتمي شڪل ڏني ??يندي. بيان موجب اهو اجلاس مسل??ان امت جي لاءِ اهڙي مشڪل وقت ۾ ٿي رهيو آهي جڏهن غزه جي عوام مسلسل جنگ و??ري حالت ۾ آهي. اهو اسلامي ملڪن جي سربراهن جي لاءِ هڪ ا??م موقعو هو??دو جتي اهي غزه جي صورتحال تي غور ڪن ۽ هڪ مضبوط، گڏيل ۽ متفقه موقف اختيار ڪن. سربراهي اجلاس جي موقعي تي نائب وزيراعظم اسحاق ڊار غزه ۾ تازي نسل ڪشيءَ، ڀارت جي غيرقانوني ??بضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ بنيادي خودمختي??ري جي حق، مسل??ان امت جي اتحاد ۽ يڪجهتي، اسلامو فوبيا ۾ اضافي، دهشتگردي ۽ عالمي چئلينجن بابت پاڪستان جو موقف پيش ڪندو. اجلاس جي موقعي تي نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اجلاس ۾ شريڪ سربراهن ۽ پرڏيهي وزيرن سان ملاقاتون پڻ ڪندو.