اسلام آباد – 29 – اپريل (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري گلگت بلتستان ۾ پن بجلي جي بي پناهه صلاحيت کي ترقي ??ي لاءِ اس??عم??ل ڪر?? جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته قدرتي و??يلن کي علائقي ??ي معاشي خوشحالي جي لاءِ مڪمل طور تي ترقي ڏيڻي پوندي. صدر اهڙن خيالن جو اظهار گلگت بلتستان جي گورنر سيد مهدي شاهه ۽ وڏي و??ير گلبر خان سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. صدر چيو ته گلگت بلتستان کي معدنيات ۽ جواهرات جهڙن بي پناهه قدرتي و??يلن سان نوازيو ويو آهي. ملاقات ۾ صدر کي گلگت بلتستان حڪومت جي ترقياتي منصوبن بابت آگاهه ڪيو ويو. کيس گلگت بلتستان جي عوام کي درپيش مختلف مسئلن خاص طور تي تعليم ۽ صحت جي سهولتن جي گهٽتائي ۽ بيروزگاري بابت ٻڌايو ويو. گورنر ۽ وڏي و??ير صدر کي گلگت بلتستان جي دوري ۽ گلگت بلتستان اسيمبلي کي خطاب ڪر?? جي دعوت پڻ ڏني. صدر آصف علي زرداري گلگت بلتستان جي نوجوانن جي تربيت ۽ هنرمندي جي لاءِ پروگرام شروع ڪر?? جي ضرورت تي زور ڏنو ۽ چيو ته نوجوانن کي مارڪيٽ جي طلب موجب قابل قدر صلاحيتن سان ليس ڪيو وڃي. صدر چيو ته ع??ائ??ي ۾ جامع ۽ پائيدار ترقي ??ي فروغ تي ڌيان ڏيڻو پوندو. هن چيو ته گلگت بلتستان جي خودڪفالت جي لاءِ مقامي ڪاروبار ۽ معاشي سرگرمين کي فروغ ڏي?? جي لاءِ قدم کنيا وڃن. صدر چيو ته گلگت بلتستان ۾ بنيادي ڍانچي جي ترقي ??يز ڪر?? جي ضرورت آهي ۽ خطي جي تعليم ۽ صحت جي شعبي کي ملڪ جي ٻين ع??ائ??ن جي برابر آڻڻ تي ڌيان ڏيڻو پوندو.