اسلام آباد – 22 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سرڪاري مل??يتي انٽرپرائيزز جي لاءِ ڪابينا ڪميٽي جوڙي ڇڏي آهي، اها ڪميٽي ڪمپنين جي انتظام ۽ انصراف جي معاملن ک?? اڪلائيندي. ڪابينا ڊويزن پاران جاري نوٽيفڪيشن موجب وزيراعظم سرڪاري مل??يت وارين ڪمپنين جي انتظام ۽ انصراف جي معاملن ک?? منهن ڏيڻ جي لاءِ هڪ ڪميٽي جوڙي آهي. ان ڪميٽي جو نالو ”سرڪاري مل??يت وارين انٽرپرائيزز بابت ڪابينا ڪميٽي (سي سي او ايس او ايز)“ آهي. ڪميٽي جي ذميوارين ۾ سرڪاري مل??يت وارين ڪمپنين (ايس او ايز) ايڪٽ 2023ع ۽ ان سا?? لاڳاپيل ٻين قانونن ۽ پاليسين جي لاڳو ۽ عملدرآمد جي نگراني ڪ??ڻ، ايس او ايز جي بورڊز ۾ مقررين بابت معاملن، ايس او ايز بابت سڌارا ۽ تجويزون ڏيڻ، ايس او ايز جي مالي ۽ ڪارڪردگي جو جائزو وٺڻ، ايس او ايز جي لاءِ پاليسين، هدايتن ۽ گائيڊ لائينز جي تجويز ۽ ڪابينا کي سفارش ڪرڻ، سرڪاري مل??يت وارين ڪمپنين ک?? ڪنهن به عوامي خدمت جو فرض ادا ڪرڻ جي لاءِ هدايت جاري ڪ??ڻ جي تجويز ڏيڻ ۽ ايس او ايز ايڪٽ 2023ع ۽ ان سا?? لاڳاپيل ٻين قانونن ۽ پاليسين ۾ شامل ڪنهن به ٻئي لاڳاپيل معاملي جو جائزو وٺڻ شامل آهي. ڪميٽي جو چيئرمين نا??ي وارو وفاقي وزير هوندو جڏهن ته ميمبرن ۾ سامونڊي معاملن وارو وفاقي وزير، اقتصادي معاملن وارو وفاقي وزير، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي وارو وفاقي وزير، هائوسنگ اينڊ ورڪس وارو وفاقي وزير جڏهن ته خصوصي دعوت تي نائب چيئرمين منصوبابندي ڪميشن ميمبر هوندو.