اسلام آباد – 00 – مارچ (اي پي پي) صد?? ڊاڪٽر عارف علوي وفاقي ٽيڪس محتسب جي فيصلي جي خلاف جيريز ڊناٽا پرائيويٽ لميٽيڊ جي اپيل رد ڪندي جيريز کا?? ڪينسر جي مريضن جي لاءِ ريڊي ايشن مشين فوري آزاد ڪرائڻ جي هدايت ڪري ڇڏي. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر مشين جي حساس نوعيت، انسانيت خاص طور تي ڪينسر جي مريضن جي خدمت جي عظيم مقصد کي نظر ۾ رکندي مشين جاري رکڻ جي هدايت ڪئي ۽ چيو ته ڪليڪٽر ڪسٽمز لاهور 7 ڏينهن جي اندر اٽڪل هڪ سال کا?? جيريز وٽ پيل ڪينسر جي علاج جي لاءِ ريڊي ايشن مشين آزاد ڪرائي، عدم تعميل جي صورت ۾ ڪليڪٽر ڪسٽمز قانون موجب ضروري ڪارروائي شروع ڪري. صدر ان ڳالهه تي افسوس جو اظهار ڪيو ته تابڪاري مشين اپريل 2023ع کا?? شيڊ ۾ پيل آهي، جيريز گودام جي اضافي قيمت جي ادائيگي کا??سواءِ مشين جاري ڪرڻ کا?? انڪاري آهي، ڪسٽمز عملدارن اسٽوريج/ ڊيمريج چارجز معاف ڪرڻ جي لاءِ سرٽيفڪيٽ پڻ جاري ڪيو. صدر افسوس جو اظهار ڪيو ته جيريز ڪسٽمز عملدارن جي جاري ڪيل سرٽيفڪيٽ کي سنجيده نه ورتو، جيريز ويئر هائوس چارجز جي وڏي ادائيگي کا??سواءِ مشين جاري ڪرڻ کا?? انڪار ڪيو، دير جي ڪري پاڪستان جي ڪينسر جي مريضن ۽ غريب ماڻهن کي مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پيو، غريب عوام ملڪ جي سرڪاري اسپتالن مان علاج ڪرائين ٿا، همدرداڻي بنيادن تي ??سئلن کي سمجهڻ کا??سواءِ اهڙو استحصالي ڪاروبار افسوسناڪ آهي. ان حوالي سان ايوان صدر پاران جاري تفصيل موجب ميو اسپتال ڪينسر جي مريضن کي ريڊي ايشن ڏيڻ جي لاءِ ڪوبالٽ – 60 سورس درآمد ڪيو، اها مشين سرڪاري اسپتالن ۾ مريضن جي لاءِ دستياب واحد مشين آهي، فنڊز جي عدم دستيابي جي ڪري باقي رقم جي عدم ادائيگي تي ??شين شيڊ ۾ روڪي وئي هئي. ڪسٽمز عملدارن اسٽوريج چارجز معاف ڪرڻ جي لاءِ دير جو سرٽيفڪيٽ جاري ڪيو، دير جو سرٽيفڪيٽ ڪسٽمز جي اسسٽنٽ ڪليڪٽر پاران جاري ڪيو ويو هو. جيريز جي مئنيجر ڪارگو بقايا چارجز جي ادائيگي کا??سواءِ مشين جاري ڪرڻ کا?? انڪار ڪري ڇڏيو. اوزار جاري نه ٿيڻ تي ??يو اسپتال جي سي اي او وفاقي ٽيڪس محتسب سان رجوع ڪيو. ٽيڪس محتسب ڪليڪٽر آف ڪسٽمز لاهور کي فوري طور تي سامان جاري ڪرڻ جي لاءِ جيريز سان رابطو ڪرڻ جو چيو. جيريز ٽيڪس محتسب جي فيصلي جي خلاف صدر وٽ اپيل داخل ڪئي. صدر ڪيس جي ذاتي ??ڌڻي کا??پوءِ جيريز جي خلاف فيصلو ڏئي ڇڏيو. صدر پنهنجي فيصلي ۾ قرار ڏنو ته جيريز دير جو سرٽيفڪيٽ هجڻ جي باوجود مشين جاري نه ڪري ڪسٽم ايڪٽ 1969ع جي شقن جي خلاف ورزي ڪئي، جاري ڪيل سرٽيفڪيٽ ۽ ايڪٽ جي شقن تي عمل ڪرڻ لازمي آهي. صدر چيو ته ڪسٽم ايڪٽ تحت سرٽيفڪيٽ جي تعميل نه ڪرڻ تي ڏنڊ جي سزا آهي، ڪسٽمز جي اسسٽنٽ ڪليڪٽر جي جاري ڪيل سرٽيفڪيٽ جو احترام ڪرڻ گهرجي ها. فيصلي موجب جيريز ڪسٽمز ايڪٽ جي شقن کي نظرانداز نه ٿو ڪري سگهي، جيريز جي اپيل رد ڪئي وڃي ٿي. صدر هدايت ڪئي ته ڪليڪٽر آف ڪسٽمز 7 ڏينهن ۾ حڪمن تي عملدرآمد ڪرائي ۽ مشين آزاد ڪرائي وڃي، عدم تعميل تي ??انون موجب ضروري ڪارروائي شروع ڪئي وڃي.