اسلام آباد – 01 – فيبروري (اي پي پي) پرڏيهي ??فيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ چيو آهي ??ه پاڪستان جي حڪومت ۽ عوام سومر ڏينهن 5 فيبروري تي ??شمير يڪجهتي ??هاڙو ڀرپور جوش ۽ ج??بي سان ملهائيندي. پريس بريفنگ ۾ هن چيو ته ان ڏينهن تي پاڪستاني ۽ سڄي دنيا ۾ رهندڙ ڪشميري، ڪشميري عوام سان انهن جي فتح نه ٿيڻ جوڳي خودمختياري جي حق کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ انهن جي منصفاڻي جدوجهد ۾ يڪجهتي جو ورجاءُ ڪن ٿا. هن چيو ته ماضي وانگر ڪشمير يڪجهتي ??هاڙي کي روايتي جوش ۽ ج??بي سان ملهائڻ جي لاءِ هڪ وسيع پروگرام جوڙيو ويو آهي. ترجمان چيو ته پاڪستان گڏيل قومن جي سلامتي ??ائونسل جي قراردادن موجب ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار جي منصفاڻي ۽ پرامن حل جي لاءِ پنه??جي ڪشميري ڀائرن ۽ ڀينرن جي سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي حمايت جاري رکندو.