اسلام آباد – 28 – ڊسمبر (اي پي پي) پاڪستان چ??و آهي ته اسان جو خطو ملڪ جي پرڏيهي پاليسي جو هڪ اهم مرڪز آهي، پاڪستان سدائين هڪ پرامن، خوشحال، مستحڪم ۽ ڳنڍيل افغانستان جي خواهش جو اظهار ڪيو آهي ته جيئن افغانستان اسان جي خطي جي لاءِ واپاري ۽ توانائي جي رابطي جي رستي جي طور تي اڀري. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ چيو ته پاڪستان هلندڙ سال افغانستان ۾ امن کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ اجلاسن ۽ مڪينزم ۾ شرڪت ڪئي، پاڪستان افغانستان سان ڳالهه ٻولهه ۽ مشغوليت جي لاءِ پڻ پرعزم آهي ڇ?? ته ٻئي ملڪ خاص طور تي اقتصادي شعبي ۾ تع??ون جون راهون ڳولي رهيا آهن. هن چ??و ته اسان سيڪيورٽي ۽ بارڊر مئنيجمينٽ سان لاڳاپيل معاملن تي پڻ افغان عملدارن سان رابطي ۾ آهيون. ترجمان چ??و ته هلندڙ سال پاڪستان ايران لاڳاپن ۾ هڪ اهم سال هو. هن چ??و ته مئي 2023ع ۾ ٻنهي ملڪن ??ند – پشين بارڊر مارڪيٽ پليس ۽ 220 ڪي وي پولان – گبد اليڪٽرسٽي ٽرانسميشن لائين منصوبن جو افتتاح ڪ??و، ٻنهي ملڪن ??طرفي اقتصادي مشاورت کي اداراجاتي بڻائڻ تي اتفاق ڪيو ۽ جون ۾ پنج سالا اسٽريٽجڪ واپاري تع??ون جي منصوبي (2023- 28) تي صحيحون ڪيون جنهن ۾ 5 ارب ڊالر جي ٻطرفي واپار جو هدف حاصل ڪيو ويو آهي. هن چ??و ته علائقائي رابطن ۽ گڏيل خوشحالي جي اسان جي ويزن جي تعميل ۾ پاڪستان وچ ايشيا جي ملڪن سان به پنهنجي مضبوط رابطن کي جاري رکيو جڏهن ته اي سي او جي ڏس ۾ پاڪستان واپار، چرپر، رابطي، توانائي، سياحت ۽ اقتصادي ترقي ۽ پيداوار ۾ علائقائي تع??ون کي فروغ ڏنو.