اسلام آباد – 25 – ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي باني پاڪستان قائداعظم ??حم?? علي جناح کي سندس 147 هين پيدائش جي ڏهاڙي تي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو آهي ته قائداعظم ننڍي کنڊ جي مسلمانن کي آزادي ۽ جدا خودمختيار رياست قائم ڪرڻ جي لاءِ اڻٿڪ جدوجهد ڪئي. پنهنجي پيغام ۾ اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير چيو ته اڄ پوري قوم محسن پاڪستان قائداعظم ??حم?? علي جناح کي خراج عقيدت پيش ڪري ٿي، باني پاڪستان قائداعظم ??حم?? علي جناح پاڪستان جي صورت ۾ اهڙي رياست جي جوڙجڪ ممڪن بڻائي جتي رنگ ۽ نسل، مذهبي، ل??ان?? ۽ ڪنهن فرق کانسواءِ سمورن شهرين کي زندگي گذارڻ ۽ ترقي جا هڪ جهڙا موقعا حاصل هجن. هن چيو ته باباءِ قوم پنهنجي صل??حي??ن، عزم ۽ غير??عم??لي ڪردار جي ڪري پاڪستان جي خواب کي حقيقت ۾ بدلايو. هن چيو ته پاڪستان جي ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ اسان کي باباءِ قوم جي اصولن تي عملدرآمد ڪرڻو پ??ند??، درپيش چئلينجز تي ضابطو آڻڻ جي لاءِ اتحاد، تنظيم ۽ يقين محڪم جي ٻين اصولن کي اختيار ڪرڻو پ??ند??. هن چيو ته اڄ جي ڏينهن اسان ان عزم جو ورجاءُ ڪريون ٿا ته پاڪستان کي هڪ عظيم ۽ مضبوط تر ملڪ بڻائينداسين.