اسلام آباد – 04 – جنوري (اي پي پي) پرڏي??ي وزارت ۾ 4 کان 6 جنوري تائين سفيرن جي ٽن ڏينهن واري ڪانفرنس منعقد ٿي رهي آهي جنهن ۾ علائقائي نمائندن سان گڏوگڏ اهم گادي وارن شهرن مان پاڪستان جي سفيرن کي گهرايو ويو آهي. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب ڪانفرنس جي ??رو??ات نگران پرڏي??ي وزير جليل عب??س جيلاني جي افتتاحي خطاب سان ٿيندي. نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ اهم خطاب ڪندو. ڪانفرنس ۾ پاڪستان جي پرڏيهي پاليسي جي ٻطرفي، علائقائي ۽ عالمي رخن تي غور فڪر ۽ سفارشن کي حتمي شڪل ڏني ويندي. سفيرن جي ڪانفرنس علائقائي ۽ عالمي اڳڀرائي جي ڏس ۾ پاڪستان جي پرڏيهي پاليسي جي مختلف رخن تي تفصيلي بحث جي لاءِ گهرائي وڃي ٿي.