اسلام آباد – 04 – جنوري (اي پي پي) پرڏيهي وزارت ۾ سفيرن جي ٽن ڏينهن واري ڪانفرنس خميس ڏينهن شروع ٿي وئي. وفاقي گادي واري شهر اسلام آباد ۾ ٿيندڙ س??يرن جي ڪانفرنس ۾ علائقائي نمائندن سان گڏوگڏ اهم گادي وارن شهرن مان پاڪستان ??ي سفيرن کي گهرايو ويو آهي. پرڏيهي آفيس پاران ??اري بيان موجب ڪانفرنس جي شرو??ات نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني جي افتتاحي خطاب سان ٿيندي، نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ اهم خطاب ڪندو. نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني اسلام آباد ۾ ٿيندڙ س??يرن جي ڪانفرنس جي اجلاس کي خطاب ڪندي پاڪستان ??ي پرڏيهي پاليسي ۽ عالمي ۽ ع??ائقائي اڳڀرائي تي باقاعده بحث جي اهميت تي زور ڏنو. ڪانفرنس ۾ پاڪستان ??ي پرڏيهي پاليسي جي ٻطرفي، علائقائي ۽ عالمي رخن تي غور فڪر ۽ سفارشن کي حتمي شڪل ڏني ويندي. سفيرن جي ڪانفرنس علائقائي ۽ عالمي اڳڀرائي جي ڏس ۾ پاڪستان ??ي پرڏيهي پاليسي جي مختلف رخن تي تفصيلي بحث جي لاءِ گهرائي وڃي ٿي.