اسلام آباد – 11 – ڊسمبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ سمورن لاڳاپيل ادارن کي آبادگارن کي حڪومتي رعايتي قيمت تي ڀاڻ جي فراهمي يقيني ??ڻائي رپورٽ سڀاڻي اڱاري ڏينهن تائين پيش ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته ڀاڻ جي ذخيره اندوزي سان آبادگارن جو استحصال ڪندڙن کي معاف نه ڪيو ويندو، صوبائي سرحدن تي ڀاڻ جي چرپر جي نگراني ڪئي وڃي ۽ اها ڀاڻ جيڪا صوبائي ضرورت کي پورو ڪرڻ جي لاءِ هجي ان ۾ ڪنهن به قسم جي رڪاوٽ نه وڌي وڃي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ جي صدار?? ۾ ??ل?? ۾ ??وريا ڀاڻ جي طلب ۽ پهچ ۽ قيمت تي هنگامي جائزه اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ نگران وفاقي وزيرن ڊاڪٽر شمشاد اختر، ڪيپٽن (ر) شاهد اشرف تارڙ، ڊاڪٽر ڪوثر عبدالمالڪ، محمد علي، لاڳاپيل اعلي?? عملدارن ۽ چئني ??وبن جي چيف سيڪريٽريز شرڪت ڪئي. اجلاس کي مل?? ۾ ??وريا ڀاڻ جي تازي پيداوار، طلب ۽ آبادگارن کي فراهمي تي ت??صي??ي بريفنگ ڏني وئي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته مل?? ۾ ??وريا جي پيداوار ۽ اسٽاڪ ڪڻڪ جي تازي فصل جي لاءِ ڪافي آهي جڏهن ته بفر اسٽاڪ جي لاءِ 2 لک 20 هزار ميٽرڪ ٽن يوريا درآمد ڪئي پئي وڃي جنهن جي پهرين کيپ ايندڙ هفتي تائين پاڪستان پهچي ويندي. اجلاس ۾ چئني ??وبن جي چيف سيڪريٽريز ضلعي انتظاميا پاران آبادگارن کي حڪومتي رعايتي اگهن تي ڀاڻ جي فراهمي يقيني ??ڻائڻ جي لاءِ قدمن تي پڻ بريفنگ ڏني. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته صوبن پاران سبسڊي فراهم ڪرڻ جي لاءِ سمورن صوبن جي ڪابينا ۾ سموريون جلد منظوري جي لاءِ پيش ڪيون وينديون. اجلاس کي خطاب ڪندي نگران وزيراعظم چيو ته آبادگارن کي يوريا ڀاڻ جي حڪومتي رعايتي اگهن تي بنا رڪاوٽ فراهمي يقيني ??ڻائي وڃي، ضلعي انتظاميا ڀاڻ جي ذخيره اندوزن جي خلاف فوري ڪارروائي ۽ ذميوارن جي نشاندهي ڪري قرار واقعي سزا يقيني ??ڻائي، ڀاڻ جي ذخيره اندوزي سان آبادگارن جو استحصال ڪندڙن کي معاف نه ڪيو ويندو. هن چيو ته يوريا ڀاڻ تي حڪومتي سبسڊي آبادگارن جيڪي ان جا صحيح ??ستحق آهن، انهن تائين پهچائي وڃي. نگران وزيراعظم چيو ته ترجيحي بنيادن تي يوريا جي بنا رڪاوٽ فراهمي جي لاءِ حڪمت عملي ٺاهي فوري طور تي پيش ڪئي وڃي، صنعت واري وزارت ۽ غذائي تحفظ واري وزارت صوبائي حڪومتن کي يوريا ڀاڻ جي پيداوار ۽ پهچ جا انگ اکر فراهم ڪري ڀاڻ جي ذخيره اندوزي کي روڪڻ جي لاءِ ڪاررواين ۾ معاونت يقيني ??ڻائي، صوبائي سرحدن تي ڀاڻ جي چرپر جي نگراني ڪئي وڃي ۽ اها ڀاڻ جيڪا صوبائي ضرورت کي پورو ڪرڻ جي لاءِ هجي، ان ۾ ڪنهن به قسم جي رڪاوٽ نه وڌي وڃي. هن هدايت ڪئي ته سمورا لاڳاپيل ادارا ڀاڻ جي آبادگارن کي حڪومتي رعايتي اگهه تي فراهمي يقيني ??ڻائي رپورٽ سڀاڻي اڱاري ڏينهن تائين پيش ڪن. نگران وزيراعظم چيو ته يوريا ڀاڻ تي سبسڊي جو بار سمورا صوبا پنهنجي پنهنجي کپت جي تناسب سان کڻن، فصل جي پوکائي دوران يوريا ڀاڻ جي بنا رڪاوٽ فراهمي کي يقيني ??ڻائڻ جي لاءِ صوبن ۽ لاڳاپيل صنعت سان مشاورت سان هڪ ٺوس فريم ورڪ جوڙي پيش ڪيو وڃي.