لنڊن – 26 – سيپٽمبر (اي پي پي) نگران وزيرا??ظم انوارالحق ڪاڪڙ آڪسفورڊ يونين ۾ شاگردن ۽ تعليمي ماهرن سان ڳالهه ٻولهه ڪئي، آڪسفورڊ يونين جيڪا بااثر اڳواڻن ۽ مفڪرن جي ميزباني جي لاءِ مشهور آه??، ان وزيرا??ظم جو شاندار استقبال ڪيو. آڪسفورڊ يونين جي صدر ديشا هيگڊي نگران وزيرا??ظم سان هڪ انٽر ايڪٽو سوال ۽ جواب جي سيشن کي موڊريٽ ڪيو جنهن ۾ اهم قومي، علائقائي ?? عالمي مسلئن تي سندس ويزن بابت آگاهي فراهم ڪئي وئي. ان موقعي تي نگران وزيرا??ظم سان آڪسفورڊ يونيورسٽي جي شاگردن سوال ڪيا جيڪي اڳواڻن ۽ اسڪالرز جي اڳئين نسل سان واڳيل هئا. ڳالهه ٻولهه دوران نگران وزيرا??ظم پاڪستان جي معيشت، سياست، سلامتي ۽ پاڙيسري ملڪن سان لاڳاپن تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي. آڪسفورڊ يونين جي آفيس ۾ نگران وزيرا??ظم عالمي مباحثي ۽ قيادت جي جوڙجڪ ۾ اداري جي اهم ڪردار کي تسليم ڪندي مهمانن جي ڪتاب تي صحيحون ڪيون. ان کان نگران وزيرا??ظم آڪسفورڊ سينٽر فار اسلامڪ اسٽڊيز جو پڻ دورو ڪيو جتي سندس استقبال سينٽر جي ڊائريڪٽر ڊاڪٽر فرحان احمد نظامي ڪيو. هن نگران وزيرا??ظم کي مرڪز جو دورو ڪرايو ۽ کيس بين الثقافتي افهام ۽ تفهيم ۽ اسلامي تهذيب جي مط??لعي کي فروغ ڏيڻ جي ڪوششن کان آگاهه ڪيو. اها تقريب فڪري مٽاسٽا ۽ مڪالمي جو هڪ اهم لمحو هو جنهن ۾ عالمي حصيداري ۽ فڪ??ي ترقي کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ نگران وزيرا??ظم جي عزم کي اجاگر ڪيو ويو.