مڪه مڪرمه -26 جون (اي پي پي)سعودي پريس ايجنسي (ايس پي اي) چئن عالمي خابرو ايجنسين سان پنهنجي نوعيت جي پهرين شراڪتداري ذر??عي ڪيترين ئي ٻولين ۾ هلندڙ سال حج سيزن 2023ع جي ڪوريج لاءِ تياريون مڪمل ڪيون آهن. پاڪستان، انڊونيشيا، مل??ئيشيا ۽ مصر جي خابرو ايجنسين سان شراڪتداري ذر??عي ميڊيا تي پيغام پهچايا ويندا ۽ ميڊيا مواد ۾ نيون ٻوليون استعمال ڪيون وينديون.انڊونيشيا، پاڪستان ۽ مل??ئيشيا جي خابرو ايجنسين سان گڏوگڏ مڊل ايسٽ نيوز ايجنسي (ايم اي اين اي) سان شراڪتداري جو مقصد انهن جي سرڪاري ويب سائيٽن ۽ انهن جي ميڊيا نيٽ ورڪ ۽ ڊجيٽل پليٽ فارمن ذر??عي اشاعت جي دائري کي وڌائڻ آهي، اها شراڪتداري ٻن مقدس مسجدن جي خدمت ۽ مقدس هنڌن تي رهائش ۽ چر پر جي حوالي سان خدمتن جي بهتري لاءِ سعودي مملڪت طرفان ڪيل ڪوششن تي به روشني وجهندي. ان شراڪت سان هر سال حج جي سڄي سيزن ۾ ايس پي اي طرفان فراهم ڪيل خبرن جي ڪوريج ۾ اضافو ٿيندو، ايس پي اي مڪي پاڪ ۽ ٻين مقدس هنڌن ۾ پنهنجي ميڊيا مرڪزن ذر??عي پنهنجي عالمي شراڪتدارن کي ميڊيا خدمتون فراهم ڪندي. سعودي پريس ايجنسي پوري توانائي ۽ فني تيارين سان ڪوريج جي ڪوششن جي حمايت لاءِ هڪ گڏيل نيوز ايڊيٽنگ روم به قائم ڪيو آهي. اهي ڪوششون حج جي روحاني اجتماع کي اجاگر ڪرڻ ۽ اسلامي روايتن مطابق ميڊيا جي شاندار ڪم کي پ??ش ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿينديون. عالمي خابرو ايجنسين سان شراڪتداري سعودي قيادت طرفان حاجين لاءِ مختلف ٽيڪنالاجيز جو استعمال ڪندي فراهم ڪيل آسان طريقيڪار کي اجاگر ڪرڻ تي ڌيان ڏنل آهي. سعودي حڪومت هڪ مربوط نظام ۽ طريقيڪار مطابق حاجين کي سهولتون فراهم ڪندي آهي. اها شراڪت عالمي خابرو ايجنسين کي ايس پي اي سان پنهنجي سهڪار ذر??عي مواد ۽ پيغام جي حوالي سان هڪ نئون تجربو به فراهم ڪندي. ايس پي اي اهڙو قدم کڻڻ جي خواهشمند آهي جيڪو گڏيل ميڊيا ورڪ لاءِ هڪ معياري مرحلي جي نمائندگي ڪندو هجي. نئ??ن ٻولين ۾ شراڪتداري ذر??عي ميڊيا پيغام ڀاشا، اردو، پشتو، سنڌي، بلوچي، مل??ئي، تامل ۽ هسپانوي ٻولين ۾ اماڻيا ويندا. جنهن سان ايس پي اي طرفان فراهم ڪيل خدمتن کي تقويت ملندي. جڏهن ته ايس پي اي ان کان عربي، انگريزي، فرانسيسي، روسي، چيني ۽ فارسي ميڊيا مواد پ??ش ڪري رهي آهي.