اسلام آ??اد – 16 – جون (اي پي پي) خاتون اول بيگم ثمينه علوي منفرد صلاحيتون رکندڙ ٻارن کي جامع تع??يم ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته خصوصي ٻارن کي عام اسڪولن ۾ تع??يم ڏيڻ جي لاءِ استادن کي تربيت ڏني وڃي، منفرد صلاحيتن وارن ٻارن کي معياري تع??يم فراهم ڪرڻ لازمي آهي. هو منفرد صلاحيتن وارن ٻارن جي تع??يم بابت ماهرن سان ملاقات ڪري رهي هئي. خاتون اول خصوصي ٻارن جي تع??يم جي آمريڪا ۾ رهندڙ ماهر ڊاڪٽر فوزيه خان سان ملاقات ڪئي. خاتون اول عالمي صحت واري اداري، نجي تع??يمي ادارن جي ريگيوليٽري اٿارٽي ۽ اسپيشل ايجوڪيشن ڊائريڪٽوريٽ جي نمائندن سان پڻ ملاقات ڪئي. خاتون اول بيگم ثمينه علوي چيو ته منفرد صلاحيتون رکندڙ ٻارن طرف ا??تيازي سلوڪ جو خاتمو ڪرڻو پوندو، بيگم ثمينه علوي پاڪستان ۾ ماسٽر ٽرينرز کي خصوصي ۽ جامع تع??يم جي حوالي سان آن لائين تربيت ڏ??ڻ ۾ آمريڪي تع??يمي ماهر جي دلچسپي کي ساراهيو. هن چيو ته عالمي معيار جي خصوصي تع??يم جي تربيت سان پاڪستاني استاد فائدو کڻن، خصوصي ٻارن کي نجي ۽ سرڪاري ادارن ۾ تع??يم ڏيڻ جي لاءِ استادن جي نشاندهي ڪرڻ جي ضرورت آهي. ملاقات ۾ خصوصي ۽ جامع تع??يم جي لاءِ هيستائين ڪيل قدمن بابت خيالن جي ڏي وٺ پڻ ڪئي وئي. ملاقات ۾ اسلام آ??اد ۾ جامع ڪلاس روم ۾ خصوصي ٻارن کي پڙهائڻ جي لاءِ قدمن تي پڻ ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. شرڪت ڪندڙن خصوصي ٻارن جي تع??يم جي لاءِ استادن جي تربيت جي شروعات پرائمري سطح کان ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو.