اسلام آباد – 09 – جون (اي پي پي) ايندڙ مالي سال 24 – 2023ع جي بجيٽ ۾ سرڪاري شعبي جي ترق??ات?? پروگرام (پي ايس ڊي پي) ۾ پلاننگ ڪميشن جي جاري ۽ نئين منصوبن جي لاءِ 24 ارب 89 ڪروڙ رپيا رکيا ويا آهن. جاري ڪيل سرڪاري شعبي جي ترق??ات?? پروگرام (پي ايس ڊي پي) موجب جاري ترق??ات?? منصوبن ۾ پلاننگ ڪميشن ۾ اداراجاتي سڌارن جي لاءِ 50 ڪروڙ، سينٽر فار ايڪسيلينس جي لاءِ 25 ڪروڙ، چائنا پاڪستان اڪنامڪ ڪوريڊور جي لاءِ 20 ڪروڙ، پاليسي اورينٽيڊ پروگرام جي لاءِ 67 ڪروڙ، اينٽگريٽيڊ انرجي پلاننگ جي لاءِ 15 ڪروڙ، انوويشن سپورٽ پراجيڪٽ جي لاءِ هڪ ارب رپيا رکيا ويا آه?? جڏهن ته نئين منصوبن ۾ پائيڊ جي لاءِ 70 ڪروڙ، جوڊيشل پراجيڪٽ ريفارمز جي لاءِ 5 ڪروڙ، پوسٽ ??لڊ 2022ع بحالي پروگرام جي لاءِ 6 ارب رپين سميت مختلف منصوبن جي لاءِ فنڊز رکيا ويا آهن.