اسلام آباد – 07 – جون (اي پي پي) پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير حنا رباني کر جو ناروي جو 2 ڏينهن جو سرڪاري دورو، دوري دوران هن ناروي جي پرڏيهي وزير اينيڪن هيٽ فيلڊ ۽ اسٽيٽ سيڪريٽري ايرلنگ رمسٽاد سان ملاقاتون ڪيون. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب مملڪتي وزير ناروي جي پارليامينٽ ۾ پرڏيهي معاملن ۽ دفاع بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي ميمبرن سان ملاقات ڪئي جنه?? جي قيادت ڪميٽي جي چيئرپرسن اين ايرڪسن سورائيڊ ڪري رهي هئي. ناروي جي پرڏيهي وزير اينيڪن هيٽ فيلڊ سان ملاقات ۾ ڌرين 75 سالا ٻطرفن لاڳاپن کي ساراهيو ۽ ڪيترن ئي شعبن ۾ لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ تي اتفاق ??يو. هن علائقائي ۽ عالمي چئلينجز کي منهن ڏيڻ جي لاءِ گهڻ رخي اهميت جو ورجاءُ ??يو. مملڪتي وزير ايرلنگ رمسٽاد سان ملاقات ۾ پاڪستان ۾ ٻوڏ متاثري?? جي لاءِ ناروي جي فراخدلاڻي مدد تي ٿورا مڃيا. ڌرين پاڪستان ۾ مائيڪرو هائيڊرو پاور پلانٽس ۾ سيڙپڪاري تي خيال?? جي ڏي وٺ ڪئي ۽ گرين انرجي، شپنگ ۽ بليو اڪانومي ۽ اعليٰ تعليم ۽ تحقيق ۾ تعاون جهڙن شعبن ۾ تعاون وڌائڻ تي اتفاق ??يو. ملاقات ۾ علائقائي ۽ عال??ي سلامتي کي درپيش مسئلن تي پڻ خيال?? جي ڏي وٺ ڪئي وئي. پرڏيهي معاملن ۽ دفاع بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي سان ملاقات ۾ ٻطرفي تعاون ۽ گڏيل دلچسپي جي علائقائي ۽ عالمي معاملن ۽ عالمي امن کي لاحق خطرن تي خيال?? جي ڏي وٺ ڪئي وئي. مملڪتي وزير ان اميد جو اظهار ڪيو ته ناروي عالمي قانونن کي فروغ ڏيڻ ۽ عالمي تڪرار?? جي حل ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو رهندو. مملڪتي وزير نارويجن انسٽيٽيوٽ آف انٽ??ني??نل افيئرز کي خطاب ڪيو جتي هن عالمي امن ۽ سلامتي تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. پنهنجي خطاب ۾ هن عالمي ۽ علائقائي اڳڀرائي، عال??ي سياسي نظم ۽ ضبط تي ا?? جي اثرن ۽ پاڪستا?? جي سيڪيورٽي موقف بابت ڳالهه ٻولهه ڪئي. تقريب ۾ سفارتڪارن، سياستدان، ناروي جي پرڏيهي وزارت جي عملدارن، ناليوارن ٻاهرئين ملڪ رهندڙن، تعليمي ماهرن ۽ ميڊيا جي نمائندن شرڪت ڪئي. مملڪتي وزير نارويجن ڪمپني?? جي اعليٰ انتظاميا سان پڻ ملاقات ڪئي جيڪي پاڪستان ۾ اڳ کان ڪاروبار ۾ آهن جن ۾ ايگزيڪيوٽو وائيس پريزيدنٽ ٽيلي نار ريٽا اسڪجائيرڪ، سي اي او اسڪيٽيڪ ٽيرجي پِلسوگ، سي اي او جوٽن پينٽس مورٽن فان، چيئر نور هائيڊرو رابرٽ اسٽوربيڪ ۽ سي اي او نور هائيڊرو رخسانه حامد شامل آهن. هن اميد ظاهر ڪئي ته انه?? جي سيڙپڪاري ناروي جي ٻين نجي ڪمپنين کي پاڪستان سان ڪاروباري لاڳاپا قائم ڪرڻ جي ترغيب ڏيندي. مملڪتي وزير ايس ايم ايز ۽ آءِ ٽي جي شعبن ۾ نوجو??ن ۽ خواهشمند نارويجن واپاري?? جي هڪ گروپ سان پڻ مانجهاندي تي ملاقات ڪئي جيڪي پاڪستان ۾ ڪاروبار ڪرڻ ۾ دلچسپي رکن ٿا. اجلاس ۾ ناروي جي شپ اونرز ايسوسيئيش?? جي سينيئر نمائندن پڻ شرڪت ڪئي. مملڪتي وزير جو هي دورو پاڪست??ن ۽ ناروي جي وچ ۾ ٻطرفي سياسي مشاورت جو ٻارهون اجلاس منعقد ٿيڻ کان اڳ ٿيو. بيان موجب ناروي جي قيادت سان ا?? جي ڳالهه ٻولهه ۽ ڪيل فيصلن سان اڳتي جي مشاورت جي ايجنڊا جي رهنمائي ۾ مدد ملندي. 6 مهين?? جي عرصي ۾ نائب پرڏيهي وزير جي سطح تي ٻطرفي دور?? جي مٽاسٽا پاڪست??ن ۽ ناروي جي وچ ۾ ٻطرفن لاڳاپن کي نئين تحريڪ فراهم ڪئي آهي ڇو ته ٻئي ملڪ سفارتي لاڳاپا قائم ٿيڻ جي 75 هين سالگرهه ملهائي رهيا آهن.