اسلام آباد – 29 – مارچ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته عدالتي ??ڌارن جي بل جي منظوري سان مسلم ليگ (ن) جي قيادت هڪ ڀيرو ٻيهر سرخرو ٿي آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب مسلم ليگ (ن) جي قائد نواز شريف جي 8 هين ترميم جي خاتمي جي حوالي سان قومي اسيمبلي کي تاري??ي خطاب جو حوالو ڏنو جنهن ۾ قائد نواز شريف چيو هو ته ”اڄ عملي طور تي ڪري ڏيکاريو آهي ته هر شيءَ جو پنهنجو وقت هوندو آهي ۽ پنهنجي وقت تي ??يڪڏهن اها شيءَ خوش اسلوبي سان ٿي وڃي ته اهو ئي بهتر هوندو آهي، غيرضروري گوڙ ڪرڻ ۽ ڪرڻو ڪجهه ناهي، ماضي جون روايتون آهن، اسان کي اُها ڳالهه ڪرڻ گهرجي جنهن تي ??سان عمل ڪرڻ جو ارادو رکون ٿا، اهو پاڪستان جو مفاد ۽ پارليامينٽ ج?? بالادستي ??هي، اڄ پارلياماني جمهوريت جو روح زندهه ٿي ويو آهي، جنهن انداز ۾ هي سڄي ڪارروائي ٿي، اهو ان ڪم جي نوعيت کان وڌيڪ خوبصورت هو، اسان جي آڏو سدائين هڪ ئي مقصد هوندو“.