اسلام آباد – 21 – مارچ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عا??ف علوي آل پاڪستان نيوز پيپرز سوسائٽي جي نون چونڊيل عهديدارن کي ??با??ڪباد ڏني آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر ناز آفريدي، سحر لاکاڻي ۽ سرمد علي کي اي پي اين ايس جو متفقه لاڳاپيل صدر ۽ سيڪريٽري جنرل چونڊجڻ تي ??با??ڪباد ڏيندي اميد ظاهر ڪئي آهي ته نوان چونڊيل عهديدار ملڪ ۾ ميڊيا جي ترقي لاءِ قدم وڌيڪ تيز ڪندا. صدر امتنان شاهد کي سينيئر نائب صدر طور، محمد اسلم ??اض?? کي نائب صدر، ايس ايم منير جيلاني کي جوائنٽ سيڪريٽري ۽ شهاب زبيري کي فنانس سيڪريٽري اي پي اين ايس چونڊجڻ تي ??با??ڪباد ڏني. هن چيو ته ميڊيا ملڪ ۾ امن، برداشت، اخلاقي ۽ جمهوري قدرن جي فروغ لاءِ ڪم ڪري. ڊاڪٽر عا??ف علوي فيڪ نيوز کي روڪڻ جي لاءِ اخبارن پاران ڪردار ادا ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو ته ميڊيا سماجي مسئلن، عورتن ۽ خصوصي ماڻهن جي حقن تي ماڻهن ۾ آگاهي پيدا ڪري.