اسلام آباد – 10 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف شي جن پ??گ کي ٽيون ڀيرو چين جو صدر چونڊجڻ تي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته عوام ۽ پارليامينٽ ??و مٿس اعتماد ان جي غيرمعمولي قائداڻي صلاحيتن ??و اعتراف آهي، صدر شي جن پ??گ چين جي ترقي ۽ خوشحالي جي علامت بڻجي چڪو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب شي جن پ??گ جي ٽيون ڀيرو چين جو صدر چونڊجڻ تي پنهنجي مبارڪباد واري پيغام ۾ وزيراعظم چيو ته ان کي ايندڙ 5 سالن لاءِ چين جو صدر چونڊجڻ تي پاڪستان جي حڪومت ۽ عوام پاران مبارڪباد پيش ڪريان ٿو. صدر شي جن پ??گ تي چين جي عوام ۽ پارليامينٽ ??و اعتماد سندس غيرمعمولي قائداڻي صلاحيتن ??و اعتراف آهي. صدر شي جن پ??گ چين جي ترقي ۽ عو??م جي خوشحالي جي علامت بڻجي چڪو آهي. وزيراعظم چيو ته سندس قيادت ۾ چين دنيا جي سرفهرست معاشي قوت بڻجي چڪو آهي ۽ اهو سفر مسلسل جاري آهي. صدر شي جن پ??گ جي بصيرت افروز قيادت ۾ چين تعليم، صحت، زراعت، ايجادن، ٽيڪنالاجي سميت هر شعبي ۾ حيرت انگيز ڪاميابيون حاصل ڪري رهيو آهي. وزيراعظم اميد ظاهر ڪئي ته صدر شي جن پ??گ جي 5 سالن جي صدارت واري مدي ۾ ٻنهي ملڪن جي آزمايل ۽ سدابهار اسٽريٽجڪ ڪوآپريشن وڌيڪ مضبوط ٿيندو. اسان صدر شي جن پ??گ، چين جي حڪومت ۽ عو??م جي لاءِ نيڪ خواهشن ??و اظهار ڪريون ٿا.