اسلام آباد – 20 – فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف نيڌرلينڊ جي ڪمپنين کي زراعت، باغباني، پاڻي جي انتظام ۽ قابل تجديد توانائي جي شعبن ۾ سيڙپڪاري جي دعوت ڏيندي پاڪستان ۾ ٻوڏ سٽيلن جي لاءِ نيڌرلينڊ جي حڪومت جي امداد ?? بحالي ۽ نئين سر تعمير جي فريم ورڪ جي تياري ۾ ڊچ پاڻي ماهرن جي تعاون کي ساراهيو آهي. وزيراعظم شهباز شريف ۽ نيڌرلينڊ جي وزيراعظم ما??ڪ روٽي جي وچ ۾ ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ٿي. وزيراعظم پاڪستان ۾ ٻوڏ سٽيلن جي لاءِ نيڌرلينڊ جي حڪومت جي امداد ?? بحالي ۽ نئين سر تعمير جي فريم ورڪ جي تياري ۾ ڊچ پاڻي ماهرن جي تعاون کي ساراهيو. ٻنهي اڳواڻن ٻطرفن لاڳاپن جو پڻ جائزو ورتو ۽ ان حوالي سان اطمينان جو اظهار ڪيو. هن واپار?? ۽ ??قتصادي لاڳاپن کي وڌيڪ وڌائڻ تي اتفاق ڪيو. وزيراعظم نيڌرلينڊ جي ڪمپنين کي زراعت، باغباني، پاڻي جي انتظام ۽ قابل تجديد توانائي جي شعبن ۾ سيڙپڪاري جي دعوت ??ني. ٻنهي اڳواڻن والاريل ڄمون ۽ ڪشمير، افغ??نس??ان ۽ يوڪرين جي صورتحال سميت گڏيل دلچسپي جي اهم عالم?? ۽ ??لائقائي معاملن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. وزيراعظم شهباز شريف چيو ته عالمي برادري اسلامو فوبيا جي خلاف گڏيل آواز اٿار?? ۽ ??ين المذاهب هم آهنگي ۽ پرامن گڏيل بقاءَ جي فروغ جي لاءِ گڏجي ڪم ڪري. هن سال پاڪستان ۽ نيڌرلينڊ جي وچ ۾ سفارتي لاڳاپا قائم ڪرڻ جي 75 هين سالگرهه ملهائي پئي وڃي. ٻنهي وزيراعظم ان سنگ ميل کي ڀرپور طريقي سان ملهائڻ تي پڻ اتفاق ڪيو.