اسلام آباد – 02 – فيبروري (اي پي پي) مسلم ليگ (ن) جي صدر وزيراعظم محمد ش??باز شريف جعفر خ??ن م??دوخيل کي پاڪستان مسلم ليگ (ن) بلوچستان جو صدر مقرر ڪري ڇڏيو آهي. جعفر خ??ن م??دوخيل کي پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي قائد ميان محمد نواز شريف پارٽي جي مشاورت سان پاڪستان مسلم ليگ (ن) بلوچستان جو صدر نامزد ڪيو هو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان م??جب وزيراعظم محمد ش??باز شريف سان جعفر خ??ن م??دوخيل ملاقات ڪئي. وزيراعظم محمد ش??باز شريف جعفر خ??ن م??دوخيل کي نئين ذميواري تي مبارڪباد ڏني ۽ ان جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. وزيراعظم اميد ظاهر ڪئي ته جعفر مندوخيل بلوچستان ۾ پاڪستان مسلم ليگ (ن) کي بهتر طور منظم ڪندو ۽ پارٽي جي معاملن کي بهتر طريقي سان سرانجام ڏيندو. ملاقات ۾ اڳوڻو وزيراعظم ۽ قومي اسيمبلي ميمبر شاهد خاقان عباسي ۽ تعليم وارو وفاقي وزير راڻا تنوير حسين پڻ موجود هئا.