اسلام آباد – 12 – جنوري (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري سان برطانوي هاءِ ڪمش??ر ڊاڪٽر ڪرسچن ٽرنر پرڏيهي وزارت ۾ الو??اع?? ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس موجب ملاقات ۾ پاڪ برطانيا لاڳاپن سميت مختلف شعبن ۾ ٻطرفو تعاون وڌائڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. پرڏيهي وزير برطانيا پاران ٻ??ڏ متاثرين جي بحالي لاءِ 90 لک پائونڊ جي اضاف?? مدد جي اعلان تي ٿورا مڃيا. پرڏيهي وزير ملاقات دوران برطانوي هاءِ ڪمشنر پاران پاڪستان ۾ موسمياتي تبديلين بابت آگاهي جي قدمن کي ساراهيو. پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري برطانوي هاءِ ڪمشنر ڪرسچن ٽرنر جي لاءِ نيڪ خواهشن جو به اظهار ڪيو.