ڪراچي – 07 – ڊسمبر (اي پي پي) خاتون اول ثمينه عارف علوي معاشري جي سمورن شعبن ۾ معذور ماڻهن جي شموليت کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ هر سطح تي ٺوس قدمن جي ضرورت تي زور ڏنو. هو هڪ مقامي اسڪول ۾ انسٽيٽيوٽ آف هولسٽڪ ري هيبي لي ٽيشن اينڊ انڪلوزن (آءِ ايڇ آر آئي) جي اهتمام هيٺ ورلڊ ميمڻ آرگنائيزيشن جي تعاون خان خصوصي چلڊرن اسپورٽس گالا ۽ اسڪائوٽنگ ايونٽ جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪريرهي هئي. ثمينه عارف علوي چيو ته ملڪ جي پائيدار ترقي جي لاءِ اهو ضروري آهي ته سماجي، معاش?? ۽ ??ياسي سرگرمين ۾ معذور ماڻهن جي شرڪت کي يقيني بڻايو وڃي ڇو ته پاڪستان جي 10 سيڪڙو کان وڌيڪ آبادي کي مختلف شڪلين ۾ معذوري درپيش آهي. معذوري جي شڪار ماڻهن سان معاشر?? جو عمومي رويو سڀ کان وڏو چئلينج آهي، جيڪو اهڙن ماڻهن جي معاشري ۾ شموليت ۾ رڪاوٽ آهي جنهن تي ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي، خصوصي ماڻهن جي بي عزتي يا ??وهين نه ڪريو پر تعليمي، سماجي ۽ معاشي سرگرمين ۾ انهن جي شرڪت جي حوصلا افزائ?? ۽ ??مايت ڪريو. هن چيو ته پاڪستان اڳ ۾ ئي معذور ماڻهن بابت گڏيل قومن جي ڪنوينشن جي توثيق ڪري چڪو آهي، ملڪ ۾ قانون ۽ پاليسيون لاڳو آهن ۽ سرڪاري شعبي ۾ نوڪرين جي خصوصي ڪوٽا مخصوص ڪئي وئي آهي جڏهن ته سرڪار?? ۽ ??يرسرڪاري ادارا انهن جي سهولت ۽ انهن جي حقن جي تحفظ جي لاءِ ڪم ڪري رهيا ??هن، جڏهن ته سمورين ڌرين کي قانونن ۽ پاليسين تي عملدرآمد کي يقيني بڻائڻ، لاڳاپيل پاليسين کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ، پهچ کي وڌائڻ ۽ حقيقي تبديلي ڻڻ جي لاءِ مجموعي سماجي رويي ۾ هڪ مثالي تبديلي آڻڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته اسان کي خصوصي ٻارن کي فني ۽ پيشيواراڻي مهارتن ۽ تربيت سان ليس ڪرڻ تي ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي ته جيئن اهي ٻين تي دارومدار ڪرڻ بدران پنهنجي روزي ڪمائڻ جي قابل ٿي سگهن ۽ معاشر?? جو هڪ ڪارائتو حصو بڻجي ملڪ جي ترق?? ۽ ??وشحالي ۾ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪري سگهن. هن والدين ۽ صحت جي شعبي سان واڳيل ماڻهن تي ور ڏنو ته اهي نئين ڄاول ٻارن جو مناسب چيڪ اپ يقيني بڻائين ته جيئن معذوري جي ڪنهن به ممڪن علامتن جي تشخيص ٿي سگهي ڇو ته وقت سر علاج ٻار کي سڄي عمر جي معذوري کان بچائي سگهي ٿو. خاتون اول اهڙي ٺوس تعليمي نظام کي لاڳو ڪرڻ تي پڻ زور ڏنو جيڪو عام اسڪولن ۾ ٻين ٻارن سان گڏوگڏ خصوصي ٻارن جي تدريس ۽ تربيت جي صلاحيت رکندو هجي ته جيئن اهي زندگي جي مشڪلاتن جو مقابلو ڪرڻ سکي سگهن. هن سرڪاري ۽ نجي شعبي جي سمورن اعليٰ تعليمي ادارن تي زور ڏنو ته اهي ايڇ اي سي جي پاليسي موجب رعايتي فيسن تي خصوصي ماڻهن جي لاءِ باقاعده ڪورسز ۾ داخلا جي سهولت فراهم ڪن. ثمينه عارف علوي معذوري جي شڪار ماڻهن جي اچ وڃ ۾ آساني پيد ڪرڻ جي لاءِ عمارتن، عوامي جاين ۽ ٽرانسپورٽ جي سهولتن ۾ ريمپ جي ضرورت تي روشني وڌي. هن وڌيڪ چيو ته اکين کان محروم ٻارن کي ننڍي عمر کان ئي سفيد ڇڙ?? جو استعمال سيکاريو وڃي. هن خصوصي ٻارن کي تعليم ۽ تربيت جا موقعا فراهم ڪرڻ تي آئي ايڇ آر آئي ۽ ڊبليو ايم او کي ساراهيو ۽ انهن جي مستقبل جي ڪوششن ۾ هر ممڪن تعاون جو يقين ڏياريو. خاتون اول آگاهي ڦهلائڻ ۽ خصوصي ماڻهن جي شموليت جي تصور کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ ميڊيا ??ي ڪردار کي ساراهيندي چيو ته ڇاتيءَ جي ڪينسر بابت مهم ۾ بيداري شعور جي ڪوششن اهم ڪردار ادا ڪيو. ايم ڊبليو او جي ريجنل صدر ايڇ ايم شهزاد، نيورولوجسٽ رمل ڪمار، عبدالرزق پرديس?? ۽ ??حيم جانو پڻ تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته خصوصي ماڻهو معاشر?? جو لازمي حصو آهن ۽ انهن جي تنظيم انهن کي قومي ڌارا ۾ آڻڻ جي لاءِ ڪيترائي قدم کڻي رهي آهي ته جيئن اهي ملڪ جي ترقي ۾ فعال ڪردا ادا ڪري سگهن. هن چيو ته انهن جي تنظيم خصوصي ماڻهن کي پنهنجي ڪاروبار?? ۽ ??نعتي ادارن ۾ نوڪريون فراهم ڪندي جڏهن ته خصوصي ٻارن کي هيلٿ ڪارڊ پڻ جاري ڪيو ويندو. ان کان اڳ خاتون اول ثمينه عارف علوي اسڪول جي مختلف حصن جو دورو ڪيو ۽ خصوصي ٻارن جي راندين جي گالا ۽ اسڪائونٽنگ ايونٽ جي انتظامن جو جائزو ورتو. ان موقعي تي منتظمين ثمينه عارف علوي کي يادگاري شيلڊ پڻ پيش ڪئي.