استنبول – 25 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان ۽ تر??يه امن ۽ استحڪام جي لاءِ گڏيل لاڳاپن ۽ تعاون کي وڌيڪ مضبوط ڪري رهيا آهن، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ لاڳاپا ۽ حصيداري جا??حي?? نه پر دفاع جي لاءِ آهي، پاڪستان ۽ تر??يه جا لاڳاپا منفرد نوعيت جا آهن جن کي ڪير به ڪمزور نه ٿو ڪري سگهي، ٻئي ڀائر ملڪ گڏجي تر??ي ۽ خوشحالي جي منزل طرف وڃي سگهن ٿا، پاڪستان ۽ تر??يه گڏجي ماحول دوست قدمن ۽ هاڃيڪار گئسن جي اخراج ۾ گهٽتائي، ونڊ، سولر ۽ پاڻي، واپار ۽ سيڙپڪاري سميت ٻين شعبن ۾ لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم ڪري سگهن ٿا. وزيراعظم اهڙن خيالن جو اظهار استنبول شپ يارڊ تي پاڪ ??حريه جي لاءِ چار ملجم ڪارويٽ جهازن مان ٽئين جهاز پي اين ايس خيبر جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. وزيراعظم چيو ته هڪ ڀيرو ٻيهر پنهنجي ٻئي گهر تر??يه جو دورو ڪرڻ تي کيس خوشي ٿي آهي، پاڪستان ۽ تر??يه جي وچ ۾ تاريخي لاڳاپا ۽ ڀائيچاري جي ڏس ۾ هي عظيم ڏينهن آهي. وزيراعظم چيو ته اڄ جي تقريب ڏسي کيس 1920ع جون حالتون ياد اچن ٿيون جڏهن اسان جا تر?? ڀينر ڀائر آزادي جي جنگ وڙهي رهيا هئا ۽ ننڍي کنڊ جا مسلمان پنهنجي تر?? ڀينرن ڀائرن جي لاءِ آزادي جي ان عظيم جدوجهد جي لاءِ تحريڪ خلافت شروع ڪري رهيا هئا، ننڍي کنڊ جي مائرن ۽ ڀينرن پنهنجون چوڙيون، دڪاندارن، آبادگارن ۽ شاگردن چندو گڏ ڪري پنهنجي تر?? ڀائرن جي عظيم جنگ جي لاءِ مدد فراهم ڪئي، اسان جا ابا ڏاڏا ڄاڻيندا هئا ته جيڪا به ڪوشش هو ڪري رهيا آهن، تر?? قوم نه رڳو اها ياد رکندي پر تر??يه پاڪستان سان مشڪل وقت ۾ به بيٺل رهندو. وزيراعظم چيو ته تر??يه سدائين ٻوڏ، زلزلي ۽ آفت جي وقت ۾ پاڪستان سان گڏ بيٺل رهيو آهي، تر??يه پاڪستان کي ريسڪيو ڪرڻ ۾ نه هٻڪيو، ننڍي کنڊ جي مسلمانن تر??يه جي عوام جي لاءِ جيڪو ڪجهه ڪيو اهو اڄ تر??يه جي اسڪولن، يونيورسٽين ۽ ڪاليجز ۾ نصاب جو حصو آهي. وزيراعظم تر??يه جي صدر رجب طيب اردوان جي دانشمنداڻي قيادت کي ساراهيو ۽ چيو ته ان جي ويزن ۽ قيادت تر??يه کي جديد معاشرو بڻايو آهي. وزيراعظم چيو ته رجب طيب اردوان جي سماجي ڀلائي جي منصوبن جي ڪري تر??يه جي ڏورانهن علائقن ۾ به ماڻهن کي صحت، تعليم، روزگار ۽ زراعت جون سهولتون ۽ صنعتي تر??ي جا ثمر ملي رهيا آهن. وزيراعظم چيو ته اڄ اسان پاڪستان نيوي جي لاءِ ملجم ڪارويٽ جهازن مان ٽئين جهاز پي اين ايس خيبر جي افتتاحي تقريب ۾ شريڪ آهيون، پاڪستان ۽ تر??يه امن ۽ استڪام جي لاءِ پنهنجي لاڳاپن کي مضبوط ڪري رهيا آهن، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ لاڳاپا ۽ حصيداري جا??حي?? نه پر دفاع جي لاءِ آهي، امن سان رهڻ جي لاءِ جنگ جي لاءِ تيار ٿيڻ ضروري آهي. هن چيو ته هن منصوبي ۾ ٻنهي ملڪن جي نيول آفيسرز ۽ ورڪرن ٻنهي ملڪن جي پيداواري صلاحيتن ۾ اضافي جي لاءِ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي. وزيراعظم چيو ته اڄ دنيا کي تڪرار درپيش آهن، يوڪرين جي جنگ عالمي برادري جي لاءِ خطرا پيدا ڪيا آهن، يوڪرين جي جنگ ۾ تر??يه جي صدر جيڪا دانشمنداڻي حڪمت عملي اختيار ڪئي اها ساراهه جوڳي آهي، هن جنگ جي ڪري پاڪستان جهڙن اسرندڙ م??ڪن کي سنجيده مسئلن کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان هڪ اسرندڙ م??ڪ آهي، پيٽرول، کاڄرو تيل ۽ خوراڪ ??و اسان جو درآمدي بل 25 ارب ڊالر کان وڌيڪ آهي، انهي ڏس ۾ اسان شمسي توانائي، هوا ۽ پاڻي سان بجلي پيداوار جهڙن منصوبن تي ڌيان ڏئي رهيا آهيون، اها ڳالهه خوش آئنده آهي ته تر??يه ان شعبي ۾ صلاحيت رکي ٿو، تر??يه جا سيڙپڪار ان شعبي ۾ پاڪستان ۾ سيڙپڪاري ڪري سگهن ٿا، تر??يه جا سيڙپڪار اڳ ۾ پاڪستان ۾ ڪم ڪري رهيا آهن. وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۽ تر??يه کي گڏجي ماحول دوست قدمن ۽ مضر گئسن جي اخراج ۾ گهٽتائي جي لاءِ ڪم ڪرڻو پوندو ۽ ان ڏس ۾ ٻنهي ملڪن کي انهن شعبن ۾ لاڳاپن کي فروغ ڏيڻو پوندو. هن چيو ته اها ڳالهه به خوش آئنده آهي ته ٻئي ملڪ ونڊ، سولر ۽ پاڻي سان مالامال آهن، انهن شعبن ۾ ٻئي ڀائر ملڪ تعاون ڪري سگهن ٿا جنهن سان پاڪستان ۽ تر??يه جي وچ ۾ گڏيل لاڳاپن کي وڌيڪ معنيٰ خيز بڻائي سگهجي ٿو. وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۽ تر??يه ٻئي عظيم ملڪ آهن، اسان جي دل گڏ ڌڙڪي ٿي، واپار ۽ سيڙپڪاري جي شعبي ۾ وسيع تر صلاحيت موجود آهي، رجب طيب اردوان جي قيادت ۾ انهن لاڳاپن ۾وڌيڪ اضافو ٿي سگهي ٿو. وزيراعظم چيو ته تازو ئي جڏهن پاڪستان ۾ بدترين ٻوڏ آئي ته تر??يه هڪ ڀيرو ٻيهر فرنٽ لائين تي رهيو، انهي رات صدر رجب طيب اردوان مون کي فون ڪئي ۽ چيو ته تر??يه پاڪستان جي لاءِ ڇا ٿو ڪري سگهي. وزيراعظم چيو ته تر??يه انساني همدردي جي بنياد تي 13 ٽرينون روانو ڪيون، 15 فوجي جهازن خوراڪ، خيما ۽ دوائون پهچايون، تر??يه مان 6 ٽرڪ پاڪستان آيا، سنڌ ۾ رجب طيب اردوان سٽي جو قيام عمل ۾ آندو ويو، رڳو هڪ ڀاءُ ۽ خاندان جو هڪ شخص ائين ڪري سگهي ٿو. هن چيو ته جڏهن 2010ع ۾ پنجاب ۾ ٻوڏ آئي ته رجب طيب اردوان پنهنجي گهرواريءَ ۽ اڳوڻي وزيراعظم يوسف رضا گيلاني سان گڏ پاڻ پاڪستان جي ٻوڏ کان متاثر علائقن جو دورو ڪيو، نه رڳو تر??يه جي حڪومت پر استنبول ۽ انقره جي شهرين چندو گڏ ڪيو، تر??يه جي صدر جي گهرواريءَ پنهنجي هار جو تحفو ڏنوجيڪو هن ڀائيچاري جو عظيم مظهر هو. وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۽ تر??يه جا لاڳاپا منفرد نوعيت جا آهن جن کي ڪير به ڪمزور نه ٿو ڪري سگهي، ٻئي ڀائر ملڪ گڏجي تر??ي ۽ خوشحالي جي منزل طرف وڃي سگهن ٿا. تر??يه جي صدر رجب طيب اردوان پنهنجي خطاب ۾ چيو ته پنهنجي گهر اچڻ تي هو وزيراعظم جي آجيان ڪري ٿو. هن چيو ته اڄ هڪ اهم منصبي جو افتتاح ٿي رهيو آهي. هن چيو ته پاڪستاني ڀينر ڀائر سدائين تر??يه سان گڏ رهيا آهن، تر??يه جي عوام جي دلين ۾ پاڪستان ۽ پاڪستانين جي لاءِ خصوصي مقام آهي، پاڪستان ۾ ايندڙ ٻوڏ جي تباهي تر??يه جي عوام کي ڏکويل ڪيو، اسان پنهنجي صلاحيت موجب پنهنجي پاڪستاني ڀينرن ڀائرن جي امداد ڪئي. رجب طيب اردوان چيو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ گهرا ڀائراڻا لاڳاپا آهن. هن چيو ته پاڪستان دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ مصروف رهيو آهي، اسان کي پاڪستاني ڀينرن ڀائرن جي مشڪلاتن جي چڱي ريت ڄاڻ آهي، اسان دهشتگردي جي خطرن جي خلاف جنگ جاري رکنداسين، ٻئي ملڪ دهشتگردي جي خلاف متحد آهن. پاڪستان ۽ تر??يه جي وچ ۾ ٻطرفي دفاعي تعاون جو ذڪر ڪندي هن چيو ته ٻطرفو دفاعي تعاون ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ لاڳاپن جو ٿنڀ آهي، پاڪستان ۽ تر??يه هر قسم جي دهشتگردي ۽ دهشتگرد تنظيمن جي خلاف گڏجي ڪم ڪندا، دهشتگردي جي خلاف اسان جي زيرو ٽالرنس جي پاليسي آهي. استنبول ۾ دهشتگردي جي تازي واقعي جو ذڪر ڪندي هن چيو ته دهشتگردي جي حملن ۾ فوت ٿيندڙن کي انصاف ڏيڻ اسان جي ذميواري آهي، داعش جي خلاف اسان جنگ وڙهي آهي، اسان دهشتگردن ۽ انهن جي سرپرستن جي خلاف جنگ ۾ پرعزم آهيون. هن چيو ته تر??يه پنهنجي سرحدن تائين مخصوص نه آهي پر پنهنجي سرحدن کان ٻاهر به پنهنجي ڀينرن ڀائرن جي مدد ڪري رهيو آهي، پاڪ ??حريه جي لاءِ ملجم منصوبو انهي سلسلي جي هڪ ڪڙيءَ آهي. هن چيو ته 2002ع ۾ تر??يه وٽ 52 دفاعي پراجيڪٽس هئا جيڪي هاڻي 700 کان وڌيڪ آهن، ان وقت 5.5 ارب ڊالر جي دفاعي پيداوار جي بجيٽ هئي جيڪا اڄ 75 ارب ڊالر آهي. هن چيو ته هن سال پاڪستان سان ٻطرفو واپار 4 ارب ڊالر کان وڌي ويندو، پاڪستان ۽ تر??يه انهن ڪجهه ملڪن ۾ شامل آهن جيڪي جنگي جهاز ٺاهي سگهن ٿا، اسان پنهنجي پاڪستان جهڙن ڀائرن ۽ اتحادين سان گڏجي پنهنجي دفاعي صنعت کي تر??ي ڏئي رهيا آهيون. هن چيو ته دفاعي پيداوار جي صنعت ۾ پاڪستان ۽ تر??يه جي وچ ۾ لاڳاپن کي وڌيڪ فروغ ملندو، ڪارويٽ ملجم انهي سلسلي جي هڪ ڪڙيءَ آهي. هن چيو ته اسان پاڪستان سان دفاعي پيداوار سميت سمورن شعبن ۾ لاڳاپن کي فروغ ڏيڻ چاهيون ٿا، پاڪستان نيوي جي لاءِ ملجم منصوبو اسان جي لاءِ مشعل راهه آهي، ان منصوبي کي حقيقت جو روپ ڏيندڙ انجنيئرز ۽ ماهرن کي مبارڪباد ڏيان ٿو. پاڪ ??حريه جي سربراهه ايڊمرل امجد خان نيازي تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته اها اعزاز ۽ فخر جي ڳالهه آهي ته پاڪ نيوي جي لاءِ جديد تر??ن جهاز جو افتتاح ٿي رهيو آهي، اهو هڪ اهم سنگ ميل آهي جنهن تي هو تر??يه جي صدر ۽ وزيراعظم شهباز شريف کي مبارڪباد ڏي ٿو. هن چيو ته ٻنهي ملڪن جي اعليٰ قيادت جي موجودگي سان پاڪ تر??يه ويجهن لاڳاپن جي عڪاسي ٿي رهي آهي، پاڪستان ۽ تر??يه جا خصوصي تاريخي لاڳاپا آهن جيڪي وقت جي آزمائش تي پورا لٿا آهن، ان جي عڪاسي ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ دفاعي تعاون سان به ٿي رهي آهي. هن چيو ته پاڪستان نيوي جي لاءِ چار ملجم ڪارويٽ جهازن مان ٻه استنبول نيوي شپ يارڊ ۽ ٻه ڪراچي ۾ ٺهي رهيا آهن. پي اين ايس بابر جو آگسٽ 2022ع ۾ استنبول ۾ افتتاح ٿيو جڏهن ته مئي ۾ ٻيو جهاز ڪراچي ۾ مڪمل ٿيو جنهن جي افتتاحي تقريب ۾ وزيراعظم پاڪستان ۽ تر??يه جي دفاع واري وزير شرڪت ڪئي. هن چيو ته ملجم پراجيڪٽ نه رڳو جنگي جهاز آهي پر اهو ٽيڪنالاجي جي منتقلي جو اهم منصوبو آهي جيڪو جناح ڪلاس وار شپ جي اڳئين جنريشن جي هڪ ڪڙيءَ آهي. هن چيو ته اهو ٻنهي ملڪن جي سامونڊي فوج جي وچ ۾ پائيدار لاڳاپن جو هڪ بهترين مظهر آهي. پاڪ ??حريه جي سربراهه چيو ته پاڪستان جي جاگرافيائي بيهڪ اهميت رکندڙ آهي، خطي ۾ پنهنجي سامونڊي حدن ۾ امن ۽ استحڪام اسان جي لاءِ اهميت رکندڙ آهي. هن چيو ته هن منصوبي سان پاڪ ??حريه جي دفاعي صلاحيتن ۾ اضافو ٿيندو جيڪو عالمي واپار ۽ معيشت جي تر??ي کي پڻ يقيني بڻائيندو. دفاعي پيداوار واري وزير اسرار خان تر??ن پنهنجي خطاب ۾ چيو ته ٻئي ملجم ڪلاس جهاز جو افتتاح خوش آئنده آهي ۽ ان سان ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ڀائيچاري ۽ مضبوط دفاعي تعاون جي عڪاسي ٿي رهي آهي، هي منصوبو وقت جي ضرورت آهي ۽ اهو ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ تعاون کي مضبوط بڻائيندو. تر??يه جي دفاعي صنعت صدر اردوان جي قيادت ۾ ٻن ڏهاڪن ۾ تر??ي ڪئي آهي، تر??يه جي دفاعي پيداوار جا ڪيترائي ادارا سڄي دنيا ۾ مشهور آهن، آئيڊياز ۾ 28 تر??يه دفاعي ڪمپنين شرڪت ڪئي. هن چيو ته اسان کي سلامتي جا چئلينجز درپيش آهن جنهن ۾ نيوي جي ذميواري تمام گهڻي وڌي وئي آهي، اسان کي يقين آهي ته ملجم جهازن جي شموليت سان قومي دفاعي صلاحيتن ۾ اضافو ٿيندو. هن چيو ته پاڪستان ۽ تر??يه عقيدي ۽ تهذيبي طور تي هڪ جهڙا آهن، ٻئي ملڪ ڪشمير ۽ قبرص تي هڪ ٻئي جي موقف جا حامي آهن، اسان ڪلهو ڪلهي سان ملائي دهشتگردي سميت سمورن خطرن جي خلاف بيٺل آهيون، ملجم ايڊوانس ٽيڪنالاجي ۾ اڳڀرائي ۾ سنگ ميل ٿابت ٿيندو. ان کان اڳ تر?? صدر ۽ استنبول جي گورنر شپ يارڊ اچڻ تي وزيراعظم جي آجيان ڪئي. وزيراعظم کي گارڊ آف آرنر پيش ڪيو ويو. صدر اردوان وزيراعظم کي تقريب جو بيج لڳايو ۽ وزيراعظم جو تر?? عملدارن سان تعارف ڪرايو. تقريب جي شروعات تي ٻنهي ملڪن جا قومي ترانا وڄايا ويا. واضح رهي ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ گڏيل تعاون تي ٻڌل ملجم منصوبو پاڪستان – تر??يه اسٽريٽجڪ پارٽنرشپ ۾ هڪ اهم سنگ ميل جي حيثيت رکي ٿو. ان کان اڳ پاڪ ??حريه جي لاءِ پهرين ڪارويٽ پي اين ايس بابر جي لانچنگ تقريب آگسٽ 2021ع ۾ استنبول ۾ ٿي جڏهن ته ٻئي جهاز بدر جي پيڙهه جو پٿر مئي 2022ع ۾ ڪراچي ۾ رکيو ويو. وفاقي وزير مريم اورنگزيب، سيد نويد قمر ۽ محمد اسرار تر??ن پڻ ان موقعي تي موجود هئا.