اسلام آباد – 09 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سان خيبرپختونخواهه اسيمبلي جي ميمبرن ملاقات ڪئي ۽ ملڪ جي مجموعي سياسي صورتحال ۽ خيبرپختونخواهه جي ٻوڏ متاثر علائقن ۾ جاري امدادي ڪمن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. وزيراعظم ميڊيا آفيس پاران جاري بيان موجب وزيراعظم سان ملاقات ڪندڙن ۾ سردار محمد يوسف، جمشيد خ??ن، سردار خ??ن، سردار اورنگزيب، ثوبيه خ??ن، شفيع تنولي مو?? اختيار ولي شامل هئا. ملاقات ۾ پارلياناني معاملن وارو وفاقي وزير مرتضيٰ جاويد عباسي ۽ وزيراعظم جو صلاحڪار انجنيئر امير مقام پڻ موجود هئا.