اسلام آباد – 09 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ گڏيل عر?? امارات جي صدر شيخ محمد بن زيد النهيان جي وچ ۾ ٽيليفونڪ رابطو ٿيو آهي جنهن ۾ ٻنهي اڳواڻن گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي جڏهن ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ويجهن ڀائراڻن لاڳاپن کي ورجائيندي مختلف شعبن ۾ ٻطرفو تعاون وڌيڪ وڌائڻ جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ تي اتفاق ڪيو. وزيراعظم آفيس ميڊيا ونگ پاران جاري پڌرائي موجب وزيراعظم گڏيل عر?? امارات جي صدر سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. وزيراعظم گڏيل عر?? امارات ۾ تازي ٻوڏ جي نتيجي ۾ پا??ستاني شهرين سميت قيمتي جانين جي زيان تي افسوس ۽ همدردي جو اظهار ڪيو. ان موقعي تي گڏيل عر?? امارات جي صدر پا??ستان ۾ ٻوڏ سبب ٿيندڙ ٿيندڙ جاني نقصان ۽ هيليڪاپٽر حادثي ۾ فوجي جوانن جي شهادت تي پڻ دلي تعزيت جو اظهار ڪيو. وزيراعظم شهباز شريف جي اپريل 2022ع ۾ گڏيل عر?? امارات جي دوري دوران ڪيل فيصلن کي ورجائيندي ٻنهي اڳواڻن ان تي ٿيندڙ اڳڀرائي جو جائزو ورتو ۽ سيڙپڪاري، توانائي ۽ بنيادي ڍانچي جي تعمير ۾ حصيداري س??يت واپاري ۽ اقتصادي تعاون کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جو عزم ڪيو. وزيراعظم گڏيل عر?? امارات پاران پا??ستان کي ڪيترن ئي سالن کان فراهم ڪئي ويندڙ معاونت کي اجاگر ڪندي چيو ته امارات پاران پا??ستان ۾ مختلف اقتصادي ۽ سيڙپڪاري جي شعبن ۾ هڪ ارب ڊالر جي س??ڙپڪاري جي تازي اعلان جي آجيان ڪريون ٿا، پا??ستان ۽ گڏيل عر?? امارات جي وچ ۾ ويجها ڀائراڻا لاڳاپا آهن جن جون پا??ون گڏيل عقيدي، قدرن ۽ ثقافت ۾ ڳنڍيل آهن، گڏيل عر?? امارات وچ اوڀر ۾ پا??ستان جو سڀ کان وڏو واپاري حصيدار ۽ سيڙپڪاري جو ذريعو آهي ۽ هو 16 لک کان وڌيڪ پا??ستانين جي ميزباني ڪري رهيو آهي.