اسلام آباد – 02 – جون (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته ايوان صدر ڪشمير معاملن واري وزارت سان رابطي ۽ مشاورت کانپوءِ آزاد ڄمون ۽ ڪشمير قانونساز اسيمبلي جي ميمبرن ۽ ٻين سياسي نمائندن کي دعوت ڏيندو، اج??اس ۾ والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي بي گناهه مسلمانن جي خلاف ڀارتي ظلمن کي اجاگر ڪيو ويندو. ايوان صدر جي پريس ونگ مان جاري بين موجب صدر اهڙن خيالن جو ??ظه??ر آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي وزيراعظم سردار تنوير الياس خان سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ا??وان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. وزيراعظم آزاد ڄمون ۽ ڪشمير صدر کان آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي حڪومت لاءِ مناسب بجيٽ مختص ڪرائڻ جي درخواست ڪئي. وزيراعظم آزاد ڄمون ۽ ڪشمير چيو ته آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي ترقي ۽ خوشحالي ۽ ڪشميري پناهگيرن جي و??ندڙ ضرورتن کي نظر ۾ رکندي مناسب بجيٽ مختص ڪرڻ جي ضرورت آهي. صدر ڀارت جي نيشنل انويسٽي گيشن ا??جنسي جي خصوصي عدالت پاران حريت اڳواڻ محمد ياسين ملڪ کي غير قانوني ۽ سياسي بنيادن تي عمر قيد جي سزا جي سخت مذمت ڪئي، هن ا??ساني حقن جي عالمي تنظيمن ۽ گڏيل قومن کان مطالبو ڪيو ته هو ڀارتي سيڪيورٽي فورسز پاران والاريل ڪشمير جي مسلمانن ۽ ڀارت جي ٻين ا??ليتن جي خلاف انساني حقن جي خلاف ورزين جو سنجيدگي سان نوٽيس وٺن.